حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ مڪي شاهه پوليس طرفان مبينا پوليس مقابلي ۾ جوابدار کي مارڻ جي دعوا ڪئي آهي. مارجي ويل نوجوان جي وارثن گذريل ڏينهن نوجوان کي گهران کنڀي گم ڪرڻ جو الزام لڳايو هو. حيدرآباد جي پوليس ترجمان ٻڌايو ته حيدرآباد ۾ مڪي شاهه پوليس کي مڪراني پاڙي ۾ منشيات فروش عمران عرف ڪالو جي موجودگي جو اطلاع مليو. پوليس جي پهچڻ تي جوابدارن فائرنگ شروع ڪري ڏني.،پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ جوابدار عمران عرف ڪالو مارجي ويو، جوابدار آئيس ۽ چرس جو ڊيلر هو، سندس مٿان چوري، منشيات ۽ پوليس مقابلي جا 35 ڪيس داخل هئا،. سندس پيءُ احسان 2015 ۾ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو هو، ٻئي طرفنوجوان جي وارث عورتن پوليس خلاف سخت احتجاج پڻ ڪيو، جڏهن ته مارجي ويل نوجوان جي وارثن عورتن گذريل ڏينهن پوليس پاران نوجوان کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو هو، مظاهرين جو الزام هو ته سخي پير ٿاڻي جي پوليس چڙهائي ڪري عمران عرف ڪالو کي کنڀي کڻي وئي آهي، هو ڪنهن به ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث ناهي، پاڙي ۾ جهيڙي تان ڪيس هلي رهيو آهي، نوجوان کي ڪوڙي مقابلي ۾ ماريو ويو آهي، انصاف ڪيو وڃي.