احمدپور ڀرسان پوليس مقابلو، بدنام ڌاڙيل رابيل جتوئي زخمي

خيرپور(ڊ ر) احمدپور ڀرسان پوليس مقابلي دوران بدنام ڌاڙيل رابيل جتوئي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، سندس ٻه ساٿي فرار ٿي ويا، احمد پور ڀرسان پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مقابلو ٿيو، ڌاڙيل رابيل جتوئي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، ايس ايس پي خيرپور ڊاڪٽر سميع الله سومرو موجب ڌاڙيل سنهڙي موڙ روڊ تي واردات ڪرڻ جي نيت سان بيٺا هئا ته مهييسر وڏا ٿاڻي جي پوليس فورس سان سندن مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران پوليس ڌاڙيل رابيل جتوئي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته سندس ٻه ساٿي فرار ٿي ويا، جن جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.