اڄڪلهه عالمي سياست ۾ وڌندڙ تڪرار خاص طور تي ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ ڇڪتاڻ سان جڙيل آهن. هنن ٽنهي ملڪن جي وچ ۾ هلندڙ تڪرار علائقي ۾ معاشي ۽ توانائي بيچيني جو وڏو سبب بڻجي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته اهي ملڪ اهم واپاري رستن ۽ توانائي جي پيداوار وارن علائقن تي اثر رکن ٿا. خاص طور تي هرمز جي سامونڊي لنگهه تي. تنهن ڪري جڏهن به سياسي يا فوجي ڇڪتاڻ وڌي ٿي ته عالمي منڊيءَ ۾ فوري طور تي غير يقيني صورتحال پيدا ٿي پوي ٿي.
اهي تڪرار صرف مقامي حدن تائين محدود نٿا رهن پر عالمي معيشت جي ڳانڍاپي سبب اهڙي ڇڪتاڻ جا اثر ٻين ملڪن تائين به پهچن ٿا. پاڪستان لاءِ اهي واقعا صرف علائقائي سياسي خبرون ناهن رهيون، پر سياسي ۽ معاشي استحڪام لاءِ خطرو پڻ بڻجي پيون آهن.
اهي اثر خاص طور تي پاڪستان جي توانائي خريداري واري نظام تي ظاهر ٿي پيا آهن، جتي ٻاهرين توانائي جي جھٽڪن جو سڌو اثر قومي معيشت تي پيو آهي.
پاڪستان جي توانائي جو استحڪامُ گهڻو ڪري خليج واري علائقي جي استحڪام تي دارومدار رکي ٿو. هي علائقو پاڪستان لاءِ اهم آهي، ڇاڪاڻ ته ملڪ جي گهڻي توانائي هتان کان درآمد ڪئي وڃي ٿي.
توانائي جي درآمد تي گهڻي انحصار سبب پاڪستان جي معيشت علائقائي بحرانن کان تمام گهڻي متاثر ٿي سگهي ٿي. هن صورتحال جا ٽي اهم نتيجا آهن:
- سپلاءِ ۾ رڪاوٽ: سامونڊي واپار يا تيل جي پيداوار ۾ خلل اچڻ.
- عالمي قيمتن ۾ اضافو: مارڪيٽ ۾ غير يقيني صورتحال سبب تيل جي قيمت وڌڻ.
- درآمدي خرچن ۾ اضافو: توانائي حاصل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ پئسا خرچ ٿيڻ.
هن صورتحال جو وڏو اثر پاڪستان جي پرڏيهي مٽاسٽا (Foreign Exchange) ذخيرن تي پوي ٿو. جڏهن تيل مهانگو ٿئي ٿو ته ملڪ کي وڌيڪ ڊالر خرچ ڪرڻا پون ٿا، جنهن سان ڪرنسي ڪمزور ٿي وڃي ٿي ۽ مالي استحڪام گهٽجي وڃي ٿو.
وڏو اقتصادي دٻاءُ (Macro Economic Pressure): پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا ڪنهن به ترقي ڪندڙ ملڪ لاءِ اهم هوندا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي بين الاقوامي واپار ۽ قرضن جي ادائيگي لاءِ ضروري هوندا آهن.
جڏهن تيل جون قيمتون وڌن ٿيون ته پاڪستان کي پنهنجي ذخيرن مان وڌيڪ رقم خرچ ڪرڻي پوي ٿي. نتيجي ۾ ذخيرن ۾ گهٽتائي اچي ٿي، ڪرنسي ڪمزور ٿئي ٿي، مستقبل ۾ تيل درآمد ڪرڻ وڌيڪ مهانگو ٿي وڃي ٿو. هي صورتحال هڪ منفي معاشي چڪر پيدا ڪري ٿي، جنهن سان حڪومت لاءِ مالي توازن برقرار رکڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو.
عالمي طور تيل جي قيمتن ۾ اضافي سبب اهم اثر هن طرح پڻ پئجي رهيا آهن. جنهن ۾ پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ گهٽتائي اچي ٿي ۽ قرضن جي قيمت پڻ وڌي رهي آهي. ان سان گڏوگڏ سپلاءِ چين ۾ رڪاوٽن سبب قومي خزاني تي وڌيڪ دٻاءُ پئجي رهيو آهي، صنعتن ۾ پيداوار گهٽجڻ ۽ اقتصادي واڌ جي رفتار سست ٿي رهي آهي، اهي اثر صرف حڪومت تائين محدود ناهن رهندا، پر پوري معاشي نظام تي اثر انداز ٿيندا آهن.
پاڪستان جي معيشت ۾ مهانگائي جو هڪ وڏو سبب پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو آهي. تيل تقريباً هر معاشي سرگرمي جهڙوڪ بجلي پيدا ڪرڻ، صنعت، ٽرانسپورٽ ۽ واپار لاءِ بنيادي عنصر آهي. جڏهن تيل مهانگو ٿئي ٿو ته مهانگائي جو هڪ سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو جنهنڪري ٽرانسپورٽ ۽ سامان جي پهچائڻ جا خرچ وڌن ٿا، ڪارخانن جي پيداوار جا خرچ وڌن ٿا. آخرڪار مارڪيٽ ۾ شيون مهانگيون ٿي وڃن ٿيون.
ان سان عام ماڻهن جي قوتِ خريداري گهٽجي وڃي ٿي. جڏهن ته گهريلو آمدني جو وڏو حصو صرف بنيادي ضرورتن تي خرچ ٿيڻ لڳي ٿو ته معيشت ۾ خرچ گهٽجي وڃي ٿو، جنهن سان معاشي ترقي متاثر ٿئي ٿي.
معاشيات جي ماهرن مطابق، جيڪڏهن هي صورتحال جاري رهي ته سماجي بيچيني ۽ معاشي عدم استحڪام وڌي سگهي ٿو.
وچ اوڀر جي سياسي استحڪام ۽ پاڪستان جي معاشي حالتن جو پاڻ ۾ سڌو تعلق آهي. جيڪڏهن ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل جي وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي ٿي ته ان جو اثر عالمي توانائي مارڪيٽن ذريعي پاڪستان جي معيشت تي اڃان پڻ وڌي ويندو. پاڪستان لاءِ سياسي سلامتي ۽ معاشي استحڪام برقرار رکڻ لاءِ علائقائي سياسي صورتحال تي ويجهي نظر رکڻ ضروري آهي.
(ليکڪ: وزيٽنگ ليڪچرر ايڪنامڪس ۽ ماحولياتي سائنس: يونيورسٽي آف لاڙڪاڻو آهي)
عالمي طور تيل جي قيمتن ۾ اضافي سبب اهم اثر هن طرح پڻ پئجي رهيا آهن. جنهن ۾ پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ گهٽتائي اچي ٿي ۽ قرضن جي قيمت پڻ وڌي رهي آهي. ان سان گڏوگڏ سپلاءِ چين ۾ رڪاوٽن سبب قومي خزاني تي وڌيڪ دٻاءُ پئجي رهيو آهي، صنعتن ۾ پيداوار گهٽجڻ ۽ اقتصادي واڌ جي رفتار سست ٿي رهي آهي، اهي اثر صرف حڪومت تائين محدود ناهن رهندا، پر پوري معاشي نظام تي اثر انداز ٿيندا آهن. پاڪستان جي معيشت ۾ مهانگائي جو هڪ وڏو سبب پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو آهي. تيل تقريباً هر معاشي سرگرمي جهڙوڪ بجلي پيدا ڪرڻ، صنعت، ٽرانسپورٽ ۽ واپار لاءِ بنيادي عنصر آهي. جڏهن تيل مهانگو ٿئي ٿو ته مهانگائي جو هڪ سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو جنهنڪري ٽرانسپورٽ ۽ سامان جي پهچائڻ جا خرچ وڌن ٿا، ڪارخانن جي پيداوار جا خرچ وڌن ٿا. آخرڪار مارڪيٽ ۾ شيون مهانگيون ٿي وڃن ٿيون