آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ هن وقت تائين 1300 کان وڌيڪ ايراني شهيد، ايران جا به جوابي وار

تهران (م ڊ) آمريڪا ۽ اسرائيل جا ايران تي حملا جاري آهن، عرب ميڊيا موجب مجموعي طور تي هن وقت تائين ايران ۾ 1300 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن. ايراني ميڊيا موجب خمين شهر ۾ آمريڪي ميزائل حملي ۾ ڊاڪٽر حافظ خميني اسڪول کي نشانو بڻايو ويو، جنهن سان ويجهي رهائشي گهرن کي به نقصان پهتو. تهران ۾ رات جي وقت سخت بمباري ڪئي وئي، اوڀر، ڏکڻ ۽ اولهه علائقن ۾ زوردار ڌماڪا ٻڌا ويا، تهران جي رسالت اسڪوائر ڀرسان حملن ۾ 40 ڄڻا شهيد ٿي ويا. هوڏانهن پاسداران انقلاب جوابي ڪارروائين ۾ 33هين لهر تحت وڌيڪ ميزائل حملا شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اڳتي هڪ ٽن يا ان کان وڌيڪ وزن جا ڳرا ميزائل استعمال ڪيا ويندا.اسرائيل تي ايراني ميزائل حملا جاري آهن، جنهن جي ڪري لکين ماڻهو پناهه وٺڻ تي مجبور آهن. ايران پاران فائر ڪيل ميزائلن جي خبرداري کان پوءِ اتر ۽ وچ اسرائيل ۽ قبضي هيٺ اولهه ڪناري ۾ لکين ماڻهن کي اڄ ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا پناهه گاهه ۾ پناهه وٺڻ جي خبرداري ڏني وئي هئي. اتر اسرائيل ۾ گهٽ ۾ گهٽ 30 ميزائلن ۽ ڊرونن جي وارننگ جاري ڪئي وئي. اهو علائقو لبنان مان حزب الله پاران موڪليل ڊرون ۽ ميزائلن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي. اسرائيلي فوج اڳ ۾ چيو هو ته اها تهران ۾ وڌيڪ حملي ڪري رهي آهي. اسرائيلي فوج چيو ته هٿيارن جي تحقيق لاءِ انقلابي گارڊز پاران استعمال ٿيندڙ هڪ زير زمين ڪمپليڪس کي به نشانو بڻايو ويو. اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نتنياهو چيو آهي ته اسرائيل ايران جي مذهبي قيادت کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، پر هو اميد ڪري ٿو ته ايراني پاڻ پنهنجي ملڪ ۾ "ظلم جي زنجيرن کي ٽوڙي ڇڏيندا. اهو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي 28 فيبروري تي تهران تي حملي کان اڳ ايراني عوام کي اپيل سان ملندڙ جلندڙ آهي، جنهن ۾ هن ايراني عوام کي "پنهنجي حڪومت جو ڪنٽرول سنڀالڻ” جي اپيل ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.