اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته غيرمعمولي حالتون آهن،حڪومت جي ڪوشش آهي ته تيل جي فراهمي ۾ ڪا به رنڊڪ نه اچي،تيل اگهن تي ٿوري تڪليف عوام کي ٿيندي هوندي پر گهٽ ۾ گهٽ تيل فراهمي ته جاري آهي،هن چيو ته وچ اوڀر ۾ جاري تڪرار جي خاتمي جي تاريخ اسان آڏو ناهي آئي،ان جو مطلب ته ٽيسٽ ميچ جي تياري ڪرڻ گهرجي،تيل جا ذخيرا وڌ کان وڌ مضبوط بڻائڻ گهرجن،هن چيو ته ملڪ ۾ تيل جو اگهه شفاف نموني طئي ٿيندو آهي،هن چيو ته عالمي سطح تي تيل اگهن ۾ جيڪا لاٿ آئي ان ۾ ملڪ اندر ٿي سگهي ٿو ته ڪا وڏي تبديلي نه ٿئي،پر جيستائين هفتي جي آخر تائين معاملو واضح نٿو ٿئي تيستائين اگهن بابت ڪجهه نٿا چئي سگهون،هن چيو ته اسان عوام تي وڏو بار وڌو آهي،هاڻي وزيراعظم فيصلو ڪيو آهي ته جيڪڏهن تيل اگهن۾ واڌ جي ٻيهر سمري اچي ٿي ته ان کان اڳ ڪفايت شعاري وارا قدم کنيا وڃن،حڪومت تيل اگهن ۾ لاٿ بدران اهو فيصلو ڪيو آهي ته تيل ذخيرا وڌايا وڃن جيئن فراهمي ۾ ڪا رڪاوٽ نه اچي،ڀارت ۽ خطي جي ٻين ملڪن پاران تيل اگهن ۾ واڌ نه ڪرڻ واري سوال تي هن چيو ته انسان پنهنجي چادر جي حساب سان فيصلا ڪندو آهي،پاڪستان پنهنجي توانائي جو 90 سيڪڙو درآمد ڪري گذارو ڪندو آهي،اسان وٽ هندستان وانگر 600 ارب ڊالر جيترا ذخيرا ناهن،ڀارتي حڪومت پنهنجي ناڻي ذخيرن جي حساب سان عوام تي تيل اگهن جو بار نه وڌائڻ جي صلاحيت رکي ٿي،اسان کي ته ايڪسٽرنل اڪائونٽ خسارو سامهون رکي آءِ ايم ايف سان ڀائيواري ۾ هلڻو آهي، هن چيو ته اسان جي جيتري چادر آهي ۽ آءِ ايم ايف پروگرام ۾ ڪيل واعدا آهن ان حسان سان رياست کي هلائڻو آهي،جڏهن اسان قيمتن ۾ اضافو ڪيو تڏهن ڊيزل جو اگهه عالمي سطح تي 150 ڊالر هو،ڇڪتاڻ گهٽ ٿيڻ بعد تيل اگهن ۾ لاٿ آئي آهي،