تھران/تل ابيب/بيروت (م ڊ) وچن اوڀر ۾ صورتحال انتهائي خطرناڪ رخ اختيار ڪري وئي آهي. ايران جي نئين سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي جي قيادت سنڀالڻ شرط پاسدارانِ انقلاب پاران اسرائيل تي نوان ميزائل حملا ڪيا ويا آهن. انهن ميزائلن تي لبيڪ سيد مجتبيٰ جا نعرا لکيل هئا، جنهن بعد تل ابيب سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ تباهي جون خبرون آهن. اسرائيلي زميني فوج هيلي ڪاپٽرن ذريعي اوڀر لبنان ۾ داخل ٿي وئي آهي، جتي حزب الله سان جهڙپون جاري آهن. حزب الله پاران هڪ اسرائيلي هيلي ڪاپٽر کي تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. هوڏانهن بيروت جي رهائشي علائقن تي اسرائيلي حملن ۾ ڪيترائي شهري شهيد ٿي ويا آهن. هيومن رائٽس واچ پنهنجي رپورٽ ۾ تصديق ڪئي آهي ته اسرائيل ڏکڻ لبنان ۾ بندش پيل وائيٽ فاسفورس بم استعمال ڪري عالمي قانونن جي کليل ڀڃڪڙي ڪئي آهي. جنگ جا اثر نار وارن ملڪن تائين پکڙجي ويا آهن. بحرين ۾ ايران جي ڊرون حملن ۾ 32 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن، جن ۾ عورتون ۽ ٻار پڻ شامل آهن. بحرين جي تيل ريفائنري تي پڻ حملو ڪيو ويو آهي. سعودي عرب ۾ الخرج علائقي ۾ ميزائل ڪرڻ سبب ٻه پرڏيهي (هندي ۽ بنگلاديشي) شهري مارجي ويا آهن. صورتحال کي ڏسندي آمريڪا پنهنجي غير ضروري عملي کي سعودي عرب ڇڏڻ جو حڪم ڏنو آهي. يو اي اي جو چوڻ آهي ته ايران پاران 1400 کان وڌيڪ ڊرون حملا ڪيا ويا آهن، جيڪي علائقائي سلامتي لاءِ وڏو خطرو آهن. اسپين، جرمني ۽ سوئٽزرلينڊ ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن کي بين الاقوامي قانونن جي خلاف ورزي قرار ڏنو آهي. سوئٽزرلينڊ موجب، شهرين کي نشانو بڻائڻ تشدد جي روڪ واري قانون جي ڀڃڪڙي آهي. هوڏانهن تهران ۾ تيل جي ذخيرن تي حملن کانپوءِ وهندڙ تيل سويج سسٽم ۾ داخل ٿيڻ ڪري روڊن تي باهه جون نديون وهندڙ نظر اچي رهيون آهن.