ڪراچي(عوامي آواز نيوز)ناليواري معاشي ماهر فرخ سليم چيو آهي ته وفاقي ڪابينا پنهنجي ٻن مهينن جي پگهار ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو.ڪابينا جي ٻن مهينن جي پگهار تقريباً 25 ملين رپيا بڻجي ٿي،حڪومت جي ٻن مهينن جي تيل جو بل 19 ارب رپيا آهي يعني قرباني رڳو هڪ سيڪڙو ڏني وئي آهي،هن چيو ته حڪومت وٽ سرڪاري گاڏين جو انگ تقريباً هڪ لک آهي. اهي گاڏيون روزانو لڳ ڀڳ 8 لک 35 هزار لٽر پيٽرول استعمال ڪن ٿيون. انهن گاڏين جي ٻارڻ تي ساليانو خرچ تقريباً 95 ارب رپيا ٿئي ٿو.جيڪڏهن حڪومت سرڪاري خرچ گهٽ ڪرڻ چاهي ٿي ته سڀ کان پهرين سرڪاري گاڏين جو استعمال گهٽائڻ گهرجي. هنن گاڏين تي ايندڙ وڏوخرچ قومي خزاني تي بار بڻجي ٿو. جيڪڏهن انهن گاڏين جي تعداد يا استعمال ۾ گهٽتائي آندي وڃي ته اربين رپين جي بچت ٿي سگهي ٿي، جيڪا ملڪ جي معيشت بهتر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿي.