غزا سٽي (م ڊ) ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي تازن حملن کانپوءِ غزا جي پيڙهيل عوام ۾ سخت خدشا پيدا ٿي ويا آهن ته عالمي ڌيان علائقائي جنگ ڏانهن منتقل ٿيڻ سان غزا ۾ جاري اسرائيلي ظلمن ۾ واڌ ٿيندي. هيومن رائٽس مانيٽر جي سربراهه رامي عبدا موجب، ايران سان جنگ اسرائيل کي غزا ۾ پنهنجا ڏوهه لڪائڻ ۽ وڌيڪ وحشياڻيون ڪارروايون ڪرڻ لاءِ وڏو ميدان فراهم ڪري ڇڏيو آهي. غزا جي صورتحال هن وقت انتهائي نازڪ آهي، جتي اسرائيل سرحدي لنگهن تي سختي ڪري حياتي بچائيندڙ امداد جي فراهمي کي اڃا وڌيڪ محدود ڪري ڇڏيو آهي. جيتوڻيڪ گذريل آڪٽوبر ۾ حماس سان جنگ بندي جو معاهدو ٿيو هو، پر ان جي مسلسل ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي. تجزيي نگارن جو چوڻ آهي ته غزا جي 20 لک کان وڌيڪ آبادي هن وقت انساني ۽ سياسي طور تي انتهائي ڪمزور حالت ۾ ڦاٿل آهي، جڏهن ته دنيا جو سڄو ڌيان ايران-اسرائيل جنگ جي نئين محاذ ڏانهن آهي.