77 سالن کان جيڪو ”ڀائي لوگ“ جي پاسي، مستقبل ان جو ئي هوندو آهي\سائرا بانو

ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) جي ڊي اي اڳواڻ سائرا بانو پنهنجي تازي انٽرويو ۾ ملڪي صورتحال تي ڳالهائيندي چيو آهي ته  گذريل 77 سالن کان اسان اهو ئي ڏسندا اچون پيا ته جيڪو ”ڀائي لوگ“ (اشارو طاقتور قوتن ڏانهن) سان گڏ هوندو، مستقبل ان جو ئي هوندو آهي. جيڪو انهن جي ”اک جو تارو“ بڻجي ٿو، اهو ئي اقتدار ۾ اچي ٿو. هن جنرل ايوب کان وٺي موجوده دور تائين جو مثال ڏيندي چيو ته سياسي پارٽيون آمريت جي پاڇي ۾ بڻيون آهن. هن چيو ته جنهن به ”ٽيبو“ ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي، اهو اڄ جيل ۾ آهي. هن موجوده صورتحال کي سياست چوڻ کان انڪار ڪندي چيو ته هي غاصب ٽولي جو راڄ آهي، جتي 25 ڪروڙ عوام جي مخالفت باوجود ڪجهه خاندانن کي نوازيو پيو وڃي. سائرا بانو جو اصل مقصد اهو هو ته پاڪستان ۾ آزاد سياست نالي ڪا شيءِ ناهي؛ هتي سياستدان رڳو عطائي حڪيمن جيان آهن جيڪي پي رول تي آهن، ۽ حقيقي فيصلا ڪندڙ اهي ئي آهن جن کي هن طنزيه انداز ۾ ”ڀائي لوگ“ سڏيو. هن چيو ته تيل جي اگهن ۾ اوچتو واڌ عوام تي آپگهاتي حملي برابر آهي. جڏهن حڪمران عوام جي ووٽ بدران مڙهيا ويندا آهن ته نتيجو اهڙو ئي نڪرندو آهي. هن آءِ ايم ايف جي ڪردار تي پڻ سوال اٿاريا ته اهي عوام کان سبسڊي ته واپس وٺرائين ٿا پر اشرافيا جي عياشين کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڇو نٿا ڪن. ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ يا نئين صوبي جي بحث بابت هن چيو ته اهو رڳو ايم ڪيو ايم پاران ڇڏيل هڪ شوشو آهي ته جيئن عوامي ڌيان اصل مسئلن تان هٽائي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته وفاق پنهنجو 22 ڪلوميٽر جو علائقو اسلام آباد سنڀالي نٿو سگهي ته صوبن کي ڇا سنڀاليندو. سائرا بانو موجب ملڪ ۾ ڪرپشن جو ڄار پکڙيل آهي ۽ عوام کي هاري ڪارڊ يا بينظير انڪم سپورٽ ذريعي فقير بڻايو پيو وڃي، جڏهن ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ماڻهن کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ جو موقعو ڏنو وڃي. سائرا بانو چيو ته هي جيڪي نوان نوان ٽول پلازا ٺاهيا پيا وڃن، اهي اصل ۾ حڪومت جا خانچا آهن. حڪومت انهن کي پنهنجي کائڻ پيئڻ جو ذريعو بڻائي ورتو آهي، تنهنڪري اهي ڪڏهن به ختم نه ٿيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.