ايمرجنسي فنڊ لاءِ رکيل 390 ارب ڪيڏانهن ويا؟

دبئي/اسلام آباد(ڪامران خان)آمريڪا، اسرائيل ۽ ايران جي وچ ۾ وڌندڙ جنگ نه رڳو علائقي جي سياست کي پر عالمي تيل مارڪيٽ، شپنگ رستن ۽ مالي مارڪيٽن کي به لوڏي ڇڏيو آهي، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ڏهن ڏينهن دوران ٻي تاريخي ڪريش ڏٺي. روپئي تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي، پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ تاريخي واڌ ٿي چڪي آهي ۽ مهانگائي جا نوان اشارا سامهون اچي رهيا آهن،اقتصادي معاملن تي رپورٽنگ ڪندڙ صحافي  شهباز راڻا چيو آهي ته 390 ارب رپين جو هڪ ڪنٽينجنسي فنڊ آءِ ايم ايف مالي بحران لاءِ رکيو هو. جيڪڏهن اهڙي قسم جي ڪا جنگ ٿئي، ته اضافي پئسو هڪ جاءِ تي رکڻ گهرجي، پر اهي 390 ارب رپيا ڪٿي ويا؟ ان بابت وزيراعظم کي ڇو نه ٻڌايو ويو؟ هن چيو ته حڪومت جا خرچ جيڪي لاڳيتو وڌندا رهيا آهن، انهن تي ڪو به غور ناهي ٿيو، ڪهڙي وزارت يا ادارو پنهنجو خرچ گهٽائي رهيو آهي؟ پنهنجي خرچن ۾ ڪا بچت نه آهي، انهن جون گاڏيون نئين ماڊل جون آهن، سيڪيورٽي تي خرچ موجود آهي. جيڪڏهن سڀ بار عوام تي وڌو وڃي ٿو، ته صارفن جي قوت خريداري اڃا به سُڪڙجي ويندي،هن چيو ته پاڪستان جي معيشت عالمي بحران کي برداشت ڪرڻ جي قابل ناهي. مهانگائي، ٻاهرين شعبو، برآمدات، ريميٽنس، ڪرنٽ اڪائونٽ سڀ متاثر ٿيندا،اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر چيو ته سڄو بار عوام تي وڌايو پيو وڃي جڏهن ته حڪومت ۽ ڪاموراشاهي پنهنجا خرچ گهٽائڻ ۾ ڪا دلچسپي نه ڏيکاري رهي آهي. حڪومت عوام کان وڌايل پئسا وصول ڪري رهي آهي، معيشت اڃا به وڌيڪ مصيبت ۾ ايندي،هن چيو ته توهان جو ٽيڪس اوڳاڙي جو هدف اڳ ۾ حاصل نه پيو ٿئي،وڌيڪ ٽيڪس اوڳاڙي ڪٿان ٿي سگهندي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.