ايران ۾ لکين ماڻهو مرندا،اسرائيل ۾ به تباهي ايندي:چيني پروفيسر

واشنگٽن(عوامي آواز نيوز)چيني پروفيسر جيانگ چيو آهي ته دبئي جو دور ختم ٿي چڪو آهي. سڀ ڪجهه هڪ سراب (وهم) هو. ماڻهن کي اهو تاثر ڏيڻ لاءِ تمام گهڻو پئسو خرچ ڪيو ويو ته هتي ٽيڪس ناهي، هتي تمام گهڻو ڪمائي سگهجي ٿو ۽ هي سيڙپڪاري لاءِ محفوظ جڳهه آهي.پر پوءِ ڇا ٿيو؟ هڪ ئي بيلسٽڪ ميزائل ان سراب کي ختم ڪري ڇڏيو. جڏهنهڪ سراب ٽٽي وڃي ته اهو ٻيهر واپس نٿو اچي.هن چيو ته ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ اميد آهي ته گلف ڪائونسل  جي ملڪن، خاص طور تي گڏيل عرب امارات مان اربين ڊالر ٻاهر نڪري سگهن ٿا.ڪيترن ئي انفلوئنسرن جون دبئي ۾ ملڪيتون آهن، تنهنڪري انهن جي مفاد ۾ آهي ته دبئي کي اڃا به هڪ زنده ۽ ترقي ڪندڙ شهر طور پيش ڪن. پر جڏهن اهو تاثر هڪ ڀيرو ٽٽي وڃي ته ان کي ٻيهر بحال ڪرڻ تمام ڏکيو هوندو. هن چيو ته ايران واري جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ لکين ماڻهو مري ويندا،نار وارن  ملڪن ۾ تمام وڏي تباهي ٿيندي. اسرائيل ۾ به سخت تباهي ٿيندي. ان کان پوءِ اسرائيل دنيا تي پنهنجي بالادستي قائم ڪرڻ لاءِ هر حد تائين ويندو، ۽ دنيا مان سستا مزدور ڳولڻ شروع ڪندو، جهڙوڪ ڀارت، فلپائن ۽ چين مان،هن چيو ته انهن مزدورن کي مائڪرو چپس ۽ منشيات (ڊرگز) جي ذريعي ڪنٽرول ڪيو ويندو. اهو سڀ ڪجهه موجوده ٽيڪنالاجي سان ممڪن آهي. البت ان لاءِ مصنوعي ذهانت (AI) تي ٻڌل نگراني وارو، رياستي جاسوسي وارو نظام گهربل هوندو، جيڪو آمريڪا جي مشهور ڪمپني پلانٽير ٽيڪنالاجيز تيار ڪري رهي آهي، تنهنڪري اها ڪمپني تمام مهانگي سمجهي وڃي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.