خاموش پر بااثر، مجتبيٰ علي خامنه اي عالمي نظرن جو مرڪز بڻيل

تهران (م ڊ) ايران جو نئون سپريم ليڊر چونڊجڻ بعد سيد مجتبيٰ حسيني خامنه اي عالمي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو آهي. مجتبيٰ خامنه اي، امام خميني ۽ آيت الله خامنه اي کانپوءِ ايران جو ٽيون سپريم ليڊر هوندو.  سندس چونڊ کانپوءِ هاڻي ايران جي داخلي ۽ پرڏيهي پاليسين تي سندس گهرو اثر هوندو. 1969ع ۾ مشهد ۾ پيدا ٿيندڙ مجتبيٰ، شهيد آيت الله علي خامنه اي جو ٻيو نمبر پٽ آهي. مجتبيٰ خامنه اي جا ايران جي طاقتور فوجي فورس، پاسدارانِ انقلاب سان انتهائي ويجها لاڳاپا آهن. هن ايران-عراق جنگ ۾ حصو ورتو هو، جتي سندس دوستي اهڙن ماڻهن سان ٿي جيڪي اڄ ايران جي سڪيورٽي ادارن ۾ اعليٰ عهدن تي آهن.  هن ڪڏهن به ڪو سرڪاري عهدو نه رکيو، پر کيس سپريم ليڊر جي آفيس جو سڀ کان طاقتور ماڻهو سمجهيو ويندو هو، جيڪو پردي جي پٺيان اهم فيصلا ڪندو هو. تجزي نگارن موجب، مجتبيٰ خامنه اي پنهنجي والد وانگر سخت گير نظريي جو حامي آهي. سندس قيادت ۾ ايران جي اسرائيل ۽ آمريڪا مخالف پاليسين ۾ وڌيڪ شدت اچڻ جو امڪان آهي. پاسدارانِ انقلاب سان ويجهڙائي سبب، ايران پنهنجي ميزائل پروگرام ۽ علائقائي اثر کي وڌيڪ مضبوط ڪري سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.