واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ايران عالمي تيل جي پهچ متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته آمريڪا اڳ کان وڌيڪ سخت حملا ڪندو.
صحافين سان ڳالهائيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اسان ايران جا ڪيترائي اهم هدف، خاص طور بجلي پيدا ڪندڙ مرڪز اڃا تائين نشانو ناهن بڻايا پر ضرورت پئي ته انهن کي به تباهه ڪنداسين.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جنگ جو جلد خاتمو ٿي سگهي ٿو پر اهو هلندڙ هفتي ممڪن ناهي، اسان ايران سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون پر اهو ان ڳالهه تي ڀاڙي ٿو ته ڳالهين جا شرط ڪهڙا هوندا، اطلاع مليا آهن ته ايران ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو پر مناسب شرط هجن ته آمريڪا به ڳالهين تي غور ڪري سگهي ٿو.
آمريڪي صدر ايران جي نئين سپريم ليڊر تي به تنقيد ڪئي ۽ چيو ته مون کي نٿو لڳي نئون سپريم ليڊر خطي ۾ امن سان رهي سگهندو.
You might also like