خيرپور ۾ پوليس گرفتار ڪيل ٻن نوجوانن کي مقابلي ۾ ماري ڇڏيو

خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو) خيرپور جي اڪنامڪ زون ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو ٻه ڏوهاري مارجي ويا، ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او اڪنامڪ زون شاهد خشڪ جو چوڻ آهي ته رحمو واري ڍنڍ ڀرسان مبينا مقابلي ۾ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ فائرنگ دوران ٻه ڏوهاري مارجي ويا، مارجي ويل ڏوهارين جي سڃاڻپ ارشاد علي ولد شاھنواز ميراڻي ۽ نور احمد ولد گل حسن بروهي طور ٿي جيڪي شڪارپور ضلعي جا رهواسي ٻُڌايا پيا وڃن، مارجي ويل ڏوهارين جا چار ساٿي فرار ٿي ويا، پوليس پارٽي انهن جي پٺيان ويل آهي انهن کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو، جڏهن ته ٻئي پاسي سوشل ميڊيا تي پوليس طرفان ٻنهي نوجوانن کي گرفتار ڪرڻ جي وڊيو وائرل ٿي وئي، سوشل ميڊيا تي واقعي بابت باهه ٻري وئي، سوشل ميڊيا واهپيدارن جو چوڻ هو ته نوجوانن کي هڪڙي پوليس گرفتار ڪيو، مقابلو وري ٻي پوليس سان ٿيو، ڏوهاري هئا ته انهن عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، سڀني جي سامهون پوليس اهلڪار هنن کي گرفتار ڪري وٺي ويا بعد ۾ پوليس مقابلو ڄاڻائي هنن کي قتل ڪيو ويو آهي، انساني حقن جي اڳواڻن چيو آهي ته نوجوانن کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي، اسان ٻٻرلي ۽ اڪنامڪ زون واقعي جي اعليٰ سطحي جاچ ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي جي گُھر ڪريون ٿا، جڏهن ته ڪجهه ماڻهو پوليس جي حمايت ۾ ميدان تي اچي ويا، سندن چوڻ هو ته جيڪڏهن ڏوهه وڌي وڃن ٿا ته پوءِ به پوليس مٿان تنقيد، ڏوهاري مارجن ٿا ته پوءِ به پوليس مٿان تنقيد، ڏوهارين کي بخش نه ڪيو وڃي، ڪوڙا مقابلا نه ٿيڻ گهرجن پر ڏوهارين جو پاسو نه وٺڻ گهرجي، ٻئي پاسي مقتول ارشاد ميراڻي جو لاش سکر پهتو، عورتن جون دانهون،  وارثن مطالبو ڪيو ته پوليس مقابلي جي شفاف جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.