پيٽرول مهانگو ڪرڻ بدران حڪمران عياشيون ختم ڪن:پي ٽي آءِ

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي، پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ في لٽر 55 رپين تائين ٿيل تازي واڌ ۽ سياسي انتقامي ڪارروائين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، پارٽي جي ترجمان چيو آهي ته موجودهحڪومت عوام کي رليف ڏيڻ بدران معاشي خودڪش حملن جهڙي پاليسي اختيار ڪري رکي آهي، مرڪزي ترجمان موجب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ عوام تي هڪ ٻيو پيٽرول بم ڪيرايو ويو آهي، حڪومت پيٽروليم ليوي کي 105 رپين جي رڪارڊ سطح کان به مٿي وڌائي غريب عوام تي وڌيڪ بار وڌو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمت لڳ ڀڳ 80 ڊالر آهي ته پوءِ به عوام کي 320 رپين کان وڌيڪ ۾ پيٽرول وڪرو ڪيو پيو وڃي، عمران خان جي حڪومت وقت عالمي قيمتون 120 ڊالر تائين پهتيون هيون، پر ليوي ۽ ٽيڪسن ۾ گهٽتائي ڪري عوام کي رليف ڏنو ويو ۽ قيمتن کي ڪنٽرول ۾ رکيو ويو، عوام ٻن وقتن جي ماني لاءِ به پريشان آهي جڏهن ته حڪمران طبقو عياشين ۾ مصروف آهي، پنجاب حڪومت طرفان 11 ارب رپين جي لگزري جيٽ جهاز جي خريداري ۽ وي آءِ پي پروٽوڪول تي اربين رپين جا خرچ حڪومت جي پاليسين کي ظاهر ڪن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.