اسلام آباد(بيورو)سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير چيو آهي ته پيٽرول جي قيمت ۾ 55 رپين جو اضافو پاڪستان جي تاريخ ۾ شايد ڪڏهن به هڪ ئي وقت ۾ ايترو نه ٿيو آهي،تحريڪ تحفظِ آئين پاڪستان”جي پليٽ فارم تان واضح اعلان ڪرڻ چاهيان ٿو ته اسان پيٽرول جي قيمت ۾ 55 رپين جي واڌ کي مڪمل طور رد ڪريون ٿا۔ حڪومت وٽ اهڙو ڪو مضبوط موقف يا جواز ناهي جنهن جي بنياد تي عوام تي ايترو وڏو ظلم ڪيو وڃي۔هن چيو ته جيڪڏهن پراڻو اسٽاڪ موجود آهي ته ان کي مهانگو ڪري وڪرو ڪري تقريباً 110 ارب رپيا حڪومت جي کيسي ۾ وڃن ٿا، جڏهن ته اهو پئسو عوام وٽ رهڻ گهرجي۔ٻيو مسئلو اهو آهي ته پيٽرول جي قيمت تقريباً 321 يا 325 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي، جنهن مان لڳ ڀڳ 105 يا 106 رپيا ٽيڪس آهي جيڪو هڪ غريب موٽر سائيڪل هلائيندڙ کان به ورتو پيو وڃي۔ حڪومت ٽيڪس گهٽائڻ لاءِ تيار ناهي،هن چيو ته ان جو هڪ وڏو سبب اهو آهي ته ايف بي آرکي هن مالي سال ۾ لڳ ڀڳ 600 ارب رپين جو شارٽ فال آهي۔ سوال اهو آهي ته اها نااهلي ڪنهن جي آهي؟ڇا اها ايف بي آر جي نااهلي ناهي؟ڇا اها وزيراعظم جي نااهلي ناهي؟پر سزا ڪير ڀوڳي رهيو آهي؟ پاڪستان جو عوام۔جيڪڏهن حڪومت صحيح طريقي سان ڪم ڪري ها ته اڄ عوام کي رليف ڏئي سگهجي ها۔ پر هاڻي نتيجو اهو نڪري رهيو آهي ته غريب ماڻهو موٽر سائيڪل هلائڻ به بند ڪري ڇڏيندو ۽ ننڍيون گاڏيون به بيڪار ٿي وينديون۔گذريل چار سالن ۾ حڪومت معيشت لاءِ ڪو وڏو ڪم نه ڪيو:نه برآمد وڌي،نه سيڙپڪاري ،نه روزگار پيدا ڪيونه غربت گهٽائي،نه اقتصادي سڌارا ڪياٻئي طرف عوام تي ٽيڪسن جو بوجھ وڌايو ويو آهي۔ خاص طور تي پگهاردار طبقي تي 300 سيڪڙو کان وڌيڪ ٽيڪس وڌايو ويو۔سوال اهو آهي ته جڏهن عوام قرباني ڏئي رهيو آهي ته حڪمران ڪهڙي قرباني ڏئي رهيا آهن؟هن چيو ته حڪومت جڏهن عوام کي رليف ڏيڻ جو سوال اچي ٿو ته چوندي آهي ته “پاڪستان غريب ملڪ آهي، پر جڏهن حڪمرانن جي زندگي ڏسجي ته اهي يورپ جي امير ملڪن جي حڪمرانن کان به وڌيڪ شاهانه زندگي گذارين ٿا،هي لاڳيتو چار سال اهڙا گذريا آهن، جن دوران توهان عدالتن کي به خاموش ڪرائي ڇڏيو۔ توهان خلاف ڳالهائڻ لاءِ ماڻهو عدالتن ڏانهن به نٿا وڃي سگهن۔توهان اهڙو ماحول پيدا ڪيو آهي جو ميڊيا تي به ڪو کلي دل سان ڳالهائي نٿو سگهي۔ توهان جي سامهون ته ڪا حقيقي اپوزيشن به موجود نه هئي،انهن حالتن ۾ توهان کي موقعو هو ته چار سالن ۾ پاڪستان کي تمام گهڻو اڳتي وٺي وڃو، پر اهو موقعو ضايع ڪيو ويو۔