يو اي اي ۽ ايران وچ ۾ ڳجهي سفارتڪاري ڪامياب، فلائٽ آپريشن بحال

دوحا/تهران/دبئي (م ڊ) ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن کانپوءِ خطي جي 10 ملڪن جو فلائٽ آپريشن سخت متاثر ٿيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ گڏيل عرب امارات ۽ ايران وچ ۾ بئڪ چينل سفارتڪاري ذريعي هڪ اهم معاهدو ٿيو آهي. قطر ۽ يمن جي سهڪار سان قائم ڪيل هن  ڳجهي رابطي تحت، امارات خاطري ڪرائي آهي ته سندس سرزمين ايران خلاف استعمال نه ٿيندي، جنهن جي بدلي ۾ ايران اماراتي اڏامن کي محفوظ رستو ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ٻئي طرف، قطر پڻ پنهنجون فضائي حدون جزوي طور تي کولڻ جو اعلان ڪيو آهي. قطري اختيارين موجب، في الحال رڳو ماڻهن کي ڪڍڻ ۽ ضروري ڪارگو اڏامن کي اجازت هوندي. ياد رهي ته قطري فوج گذريل ڏينهن ايئرپورٽ تي حملي جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي 9 ڊرون پڻ ڪيرايا هئا. هن وقت يو اي اي کان خاص اڏامون جاري آهن، جڏهن ته ڪويت ۽ بحرين جا مسافر زميني رستن ذريعي سفر ڪرڻ تي مجبور آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.