ايران سان ڳالهين ذريعي معاملا حل ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي:ترڪ صدر

انقرا/لنڊن (م ڊ) ترڪ صدر رجب طيب اردگان ۽ برطانوي وزيراعظم وچ ۾ ٽيليفون تي اهم ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، جنهن ۾ ايران تي ٿيندڙ حملن کانپوءِ جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ترڪ صدارتي آفيس موجب، صدر اردگان چيو ته ايران سان ڳالهين ذريعي معاملا حل  ڪرڻ لاءِ اڃا به گنجائش موجود آهي ۽ ترڪيه ان ڏس ۾ پنهنجون امن ڪوششون جاري رکي رهيو آهي. هن چيو ته موجوده صورتحال نه صرف علائقائي پر عالمي استحڪام کي به سخت نقصان پهچائي سگهي ٿي، ان ڪري ترڪيه ان سموري صورتحال جي ويجهي کان نگراني ڪري رهيو آهي ته جيئن وڌيڪ ڏڦيڙ کان بچي سگهجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.