ايران جا اسرائيل ۽ خطي ۾ آمريڪي اڏن تي حملا، تهران ۾ وڌيڪ 8 ڄڻا شهيد

تهران/واشنگٽن/تل اببيب (م ڊ) وچ اوڀر ۾ جاري جنگ دوران اٺين ڏينهن به ڇڪتاڻ برقرار رهي. آمريڪا ۽ اسرائيل پاران تهران ۽ اصفهان سميت ايران جي مختلف فوجي اڏن ۽ پاسدارانِ انقلاب جي ٺڪاڻن کي  نشانو بڻايو ويو آهي، جنهن ۾ 8 ڄڻا شهيد ٿي ويا آهن. جوابي ڪارروائي ۾ ايران پاران بحرين، قطر، يو اي اي ۽ سعودي عرب ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏن تي ميزائلن ۽ ڊرونن سان حملا ڪيا ويا آهن. ايران دعويٰ ڪئي آهي ته بحرين جي علائقي جُفير ۾ آمريڪي اڏي تي حملو قشم ۾ پاڻي جي پلانٽ تي ٿيندڙ حملي جو جواب آهي.  ايران پاران اسرائيل جي مختلف شهرن تي وڏي انگ ۾ ڊرون ۽ ميزائل فائر ڪيا ويا. اسرائيلي اختيارين موجب، تل ابيب ۽ يروشلم سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ فضائي حملن جا سائرن وڄايا ويا آهن ۽ شهرين کي پناهگاهن ۾ وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اسرائيلي اختيارين هينئر تائين حملن ۾ 10 ماڻهن جي مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي. ايراني پاسدارانِ انقلاب جي ايرو اسپيس فورس دعويٰ ڪئي آهي ته انهن ڪاميابيءَ سان هڪ اسرائيلي ڊرون کي ڪيرايو آهي. ايراني هلال احمر موجب هزارين رهائشي گهر، اسڪول ۽ اسپتالون نشانو بڻيون آهن. هن وقت تائين ايران ۾ 1332، لبنان ۾ 217 ۽ اسرائيل ۾ 10 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي.  ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي موجب، آمريڪي حملي سبب 30 ٻهراڙين کي پاڻي جي فراهمي بند ٿي وئي آهي. ايران پاران هڪ آئل ٽينڪر کي نشانو بڻائڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. ايراني قومي سلامتي ڪميٽي اعلان ڪيو آهي ته آيت الله خامنه اي جي قتل جو بدلو وٺڻ تائين جنگ جاري رهندي. آمريڪي صدر ٽرمپ ايران کي غير مشروط شڪست قبول ڪرڻ جو چوندي 42 ايراني بحري جهاز تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.  آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران تي حملا تڏهن بند ٿيندا جڏهن هو غير مشروط طور تي هٿيار ڦٽا ڪندو. اسرائيل دعويٰ ڪئي آهي ته هن ايران جا 80 کان وڌيڪ جنگي جهاز تباهه ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته ايران آبنائي هرمز ۾ آمريڪي بحريا کي سخت مقابلي جو چتاءُ ڏنو آهي. ٻئي پاسي ترڪيه پاران اتر قبرص ۾ ايف-16 جهاز مقرر ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته برطانيا پنهنجي جهاز بردار بحري جهاز کي تيار رهڻ جو حڪم ڏنو آهي.  ٻئي طرف، لبنان جي تنظيم حزب الله پڻ اسرائيل جي اترين علائقن تي دٻاءُ وڌائي ڇڏيو آهي ۽ اتي جي رهواسين کي گهر خالي ڪرڻ جي وارننگ جاري ڪئي آهي. اسرائيل ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن حزب الله هٿيار ڦٽا نه ڪيا ته کين نتيجا ڀوڳڻا پوندا.  هوڏانهن آمريڪا جي 18 انٽيليجنس ايجنسين پنهنجي گڏيل رپورٽ ۾ چيو آهي ته ايران تي ڪو به وڏو حملو اتي جي حڪومتي نظام کي تبديل نٿو ڪري سگهي. آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ موجب، نيشنل انٽيليجنس ايجنسي پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته ايران جي اپوزيشن ورهائجي چڪي آهي، جنهن ڪري ايران جو ڪنٽرول سنڀالڻ لاءِ ڪا به ٻي قوت موجود ناهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته صدر ٽرمپ پاران ايراني قيادت کي ختم ڪري پنهنجي مرضيءَ جو حڪمران مڙهڻ وارو منصوبو ناڪام ٿي سگهي ٿو. ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ايراني حڪومت ٽرمپ جي دٻاءُ ۾ اچي فيصلا ڪري ته اهو انهن جي نظرياتي بنيادن جي خلاف هوندو، جنهن ڪري اتي جو نظام دٻاءُ قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.