دبئي/اسلام آباد(ڪامران خان)عام پاڪستانين جي کيسن تي کليل ڌاڙو لڳي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته حڪومت اڃا تائين مهانگي عالمي قيمتن تي هڪ ليٽر تيل به خريد ناهي ڪيو،پر ڪالهه کان ئي شهبازشريف جي حڪومت پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمتن ۾ تقريباً سيڪڙو 20 واڌ ڪري عوام تي فيول بم ڪري ڇڏيو آهي.ان جو مطلب آهي ته حڪومت پنهنجي موجوده اسٽاڪ تي اضافي قيمت وصول ڪري فوري منافعو ۽ ٽيڪس گڏ ڪري رهي آهي.پيٽروليم ليوي وڌائي ڪري روينيو جي کوٽ پوري ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي.حيرت انگيز ڳالهه اها آهي ته حڪومت پاڻ چوندي آهي ته ملڪ ۾ 25 ڏينهن جو تيل موجود آهي.هي سڀ ڪجهه اهڙي وقت ٿي رهيو آهي جڏهن پاڪستان جي 45 سيڪڙو آبادي غربت جي ليڪ کان هيٺ آهي،23 سيڪڙو ماڻهو بيروزگار آهن سوال اهو آهي ڇا رياست جو مالي بار پورا ڪرڻ جو واحد طريقو عوام جي کيسن تي هڪ ٻيو وار ڪرڻ آهي؟