اسلام آباد (بيورو) پاڪستان ريلويز هيڊڪوارٽرز موجب ڊيزل جي قيمتن ۾ 20 سيڪڙو اضافي کان پوءِ ريل گاڏين جي ڀاڙن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، پاڪستان ريلويز جي ترجمان موجب ايڪانومي ڪلاس جي ڀاڙن ۾ 5 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو، جڏهن ته اي سي ڪلاسز جي ڀاڙن ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي، ان کان سواءِ مال گاڏين جي ڀاڙن ۾ به 20 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو، ترجمان چيو ته مسافر ريل گاڏين جي آپريشنل خرچن جو اضافي بار پاڪستان ريلويز پاڻ برداشت ڪندي، هن ٻڌايو ته نوان ڀاڙا سڀاڻي کان سڀني مال گاڏين ۽ مسافر ريل گاڏين تي لاڳو ٿيندا، جڏهن ته اڳواٽ ڪرايل بڪنگ تي اضافو لاڳو نه ٿيندو.