تيل اگهن ۾ واڌ رد،حڪومت سرڪاري خرچن ۾ گهٽتائي ڪري:پيپلز پارٽي

اسلام آباد(بيورو)پ پ جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ واڌ تي سخت تنقيد ڪئي آهي،هن چيو ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ واڌ پيپلز پارٽي لاءِ قبول نه آهي ۽ اها عوام لاءِ اضافي تڪليف پيدا ڪري ٿي.حڪومت کي گهرجي ته عوام کي ريليف پهچائڻ گهرجي، نه ته وڌيڪ مشڪلاتن ۾  وجهي،هن چيو ته پيپلز پارٽي اڳ ئي تجويز ڏئي چڪي آهي ته حڪومتي سرڪاري خرچن ۾ گهٽتائي مان ٿيندڙ بچت عوام کي منتقل ڪري،وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جا ادارا پيٽرول ۽ ڊيزل جي استعمال ۾ 60 سيڪڙو ڪٽوتي ڪن ان جو فائدو عوام کي ڏيڻ گهرجي.سرڪاري ادارن ۽ انتظاميا کي گهرجي ته نمود و نمائش بند ڪري، سادي زندگي گذارين،هن چيو ته عوام اڳ ۾ ئي تمام قربانيون ڏئي چڪي آهي، تنهنڪري اشرافيه انتظاميا کي گهٽ ۾ گهٽ بار قبول ڪرڻ گهرجي.پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ في ليٽر 55 رپيا اضافو عوام لاءِ ناقابل برداشت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.