ذخيرا هجڻ باوجود عوام مٿان پيٽرول بم ڪيرايو ويو:رياض چانڊيو

حيدرآباد (پ ر) جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو، سنيئر وائيس چيئرمين عزيزالله ڀٽو وائيس چيئرمين  نواز شاهه ڀاڏائي، جنرل سيڪريٽري غفار ميرجت، ڊپٽي سيڪريٽري ذوالفقار بليدي پريس سيڪريٽري اياز سولنگي، ماليات سيڪريٽري رمضان ماڇي رابطا سيڪريٽري ڪمال مهر گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته حڪومت طرفان ماڻھن مٿان ڪيرايل پيٽرول ۽ ڊيزل ايٽم بم جي شديد مذمت ڪجي ٿي، هنن چيو ته ملڪ م ھن وقت به 10 لک ٽن ڊيزل ۽ پيٽرول جا ذخيره موجود آھن، اھو 10 لک ٽن جڏھن ورتو ويو ھوفي بيرل جي قيمت 70 ڊالرعالمي مارڪيٽ ۾  ھئي، ان قيمت موجب اسان کي 158 رپين  ۾ في لٽر پوي پيو، حڪومت ٽيڪس لڳائي 321 پيٽرول ۽ 333 ڊيزل في ليٽر  ڪري ماڻھن جي چيلھه چٻي ڪري ڇڏي آهي، حڪومت پنھنجا شاھي خرچ ختم ڪرڻ بدران اربين رپين جا عياشي لاءِ جھاز خريد ڪري رھي آھي، ان صورتحال ۾ ماڻھن وٽ سوائي خودڪشي ٻيو ڪجھه به نه بچيو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.