اسلام آباد(بيورو)مجلس وحدت المسلمين جي سربراهه ۽ سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ علامه راجا ناصر عباس چيو آهي ته مهانگائي، بي روزگاري ۽ غربت جي بار هيٺ دٻيل عوام تي هڪ ئي رات ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 55 رپيا في ليٽر اضافو بدترين طرزِ حڪمراني ۽ سنگين عوام دشمن اقدام آهي. جڏهن ماڻهو پهريان ئي ٻه وقت جي روٽي لاءِ پريشان آهن، ته اهڙا فيصلا عوام جي زخم تي نمڪ ڇڙڪڻ جي برابر آهن،هڪ بيان ۾ هن چيو ته حڪومت پهريان ئي پيٽروليم ليوي جي مد ۾ تقريباً 100 رپيا في ليٽر وصول ڪري رهي آهي. سوال اهو آهي ته هن مشڪل معاشي صورتحال ۾ وڌيڪ بار ڪير کڻندو؟ عوام يا حڪمران طبقو؟وقت جي تقاضا آهي ته حڪومت عوام تي بار وجهڻ بدران پنهنجي مراعتن، پروٽوڪول ۽ غير ضروري خرچن ۾ ڪٽوتي ڪري ۽ فوري عوام کي ريليف فراهم ڪري،هن چيو ته بجلي جي بلن جي حوالي سان حڪومت واعدو ڪيو هو ته 200 يونٽ تائين صارفين کي مفت بجلي فراهم ڪئي ويندي. واعدا ڪنهن به رياست جي ساک آهن. جيڪڏهن واعدا ئي پورا نه ٿين، ته عوام جو اعتماد ڪيئن قائم رهي؟ هن چيو ته هن فيصلي سان فوڊ سيڪيورٽي تي پڻ سنگين اثر پوندا سرڪاري ملازم به مهانگائي جي هٿن هيٺ شديد متاثر آهن. انهن جي قوتِ خريد تقريباً ختم ٿي چڪي آهي ۽ اهي پنهنجن جائز حقن لاءِ احتجاج تي مجبور آهن. گذريل چار سالن ۾ قوم تي 35 کان 40 هزار ارب رپين جو قرضو وڌايو ويو آهي. شفافيت جي تقاضا آهي ته قوم کي ٻڌايو وڃي ته هي ڳرا قرض ڪٿي خرچ ٿيا؟ ۽ ان جو فائدو عام ماڻهو تائين ڇو نه پهتو؟