پيٽرول اگهن ۾ واڌ بعد مهانگائي جو طوفان ايندو: ڪاشف سعيد

ڪراچي (پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ حڪمرانن پاران رات جي اونڌاهي ۾ پيٽرول جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ   اضافو ۽ عوام مٿان ڪارپٽ بمباري جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته پنهنجين شاهه خرچين، پروٽوڪول ۽ ناز نخرن ۾ ڪا به گهٽتائي نه ڪئي وئي پر مهانگو تيل خريد ڪرڻ کان اڳ ئي بين الاقوامي بحران جو سڄو بار عوام تي وڌو ويو آهي، حڪومت ذخيرو موجود هئڻ باوجود پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه وڌائي آءِ ايم ايف کي راضي ۽ عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، جيڪڏهن  اهو عالمي مسئلو آهي ته پوءِ ان جو سمورو بار رڳو عوام تي ڇو پيو ڪيرايو وڃي؟ حڪمرانن تي ڇو نه؟ عوام دشمن حڪومت هڪ ئي ڌڪ ۾ 55 رپين جو اضافو ڪري عوام کي جيئري دفن ڪري ڇڏيو آهي، رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ عوام اڳ ۾ ئي مهانگائي جي طوفان سبب سخت اذيت جو شڪار آهي مٿان وري ايران آمريڪا جنگ جو بهانو بڻائي پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي جي ڪري مهانگائي جو جيڪو طوفان ايندو اهو عوام جي برداشت کان ٻاهر هوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.