حيدرآباد(رپورٽر) عوامي ورڪرز پارٽي. حڪومت پاران پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ غير معمولي واڌ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي / چيو آهي ته هي واڌ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ واڌ جي بهاني تي ڪئي وئي آهي، جيڪا ملڪ جي حڪمران اشرافيه جي عوام دشمن طبيعت جو ثبوت آهي، قيمتن ۾ اهڙو وڏو اضافو پاڪستان جي مزدور طبقي جي چيلهه ٽوڙي ڇڏيندو، جيڪو طبقو اڳ ئي مهانگائي ۽ بيروزگاري جو شڪار آهي. پارٽي مطالبو ڪيو آهي ته ايران تي آمريڪي-صيهوني سامراجي جنگ مان پيدا ٿيندڙ ڏکيائين کي ملڪ جي سول ۽ فوجي بيوروڪريسي، زميندار ۽ ڪاروباري طبقن ۽ ٻين حڪمران اشرافيه جي لامحدود مراعن ۽ عيش عشرت کي گهٽائي حل ڪيو وڃي، ملڪ جا ماڻهو اڳ ئي تمام خراب معاشي صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن، هن واڌ انهن کي وڌيڪ پريشان ڪري ڇڏيو آهي.