پيٽرول جا اگهه وڌائي مهانگائي جو طوفان آندو ويو آهي: ثمر حيدر جتوئي

حيدرآباد (رپورٽر)سنڌھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي پيٽرول ۽ ڊيزل جي وڌندڙ قيمتن تي سخت  ردعمل ڏيندي چيو آهي ته حڪومت جي هن فيصلي سبب ملڪ ۾ مهانگائي جو نئون طوفان اچي ويو آهي، جنهن جو سڌو اثر عام عوام جي زندگي تي پئجي رهيو آهي، هن چيو ته وفاقي حڪومت طرفان تيل جي  قيمتن ۾ واڌ سبب مارڪيٽ ۾ قيمتون آسمان سان ڳالھائڻ لڳيون آهن، مارڪيٽ ۾ پيٽرول 480 رپيا في ليٽر ۽ ڊيزل 520 رپيا في ليٽر تائين وڪرو ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري عوام تي وڌيڪ معاشي بار پئجي رهيو آهي، تيل جي قيمتن ۾ واڌ سان ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا وڌي ويندا، جنهن سبب دوائون، کائڻ پيڻ جون شيون، ڪپڙا ۽ ٻين روزمره ضرورتن جون شيون به مهانگيون ٿي وينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.