وزيراعظم پاران ملڪ ۾ سادگي، بچت جي حڪمت عملي ۽ عوام تان بار گهٽائڻ جي هدايت

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف ملڪي معاشي صورتحال جي جائزي واري اجلاس جي صدارت ڪندي سادگي ۽ بچت تي ٻڌل حڪمت عملي جوڙڻ ۽ عوام تي گهٽ ۾ گهٽ بار وجهڻ جي هدايت ڪئي آهي. اجلاس ۾ عالمي ڇڪتاڻ جي ملڪي معيشت تي اثرن بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته تيل اگهن ۾ واڌ عالمي مارڪيٽ جي تناظر ۾ ڪئي وئي آهي. وزيراعظم سختي سان هدايت ڪئي ته جيڪو به پيٽرول پمپ يا ڪمپني هٿرادو کوٽ يا ذخيرو اندوزي ۾ ملوث ملي، ان جو لائسنس فوري طور تي منسوخ ڪيو وڃي. هن ناڻي ۽ پيٽروليم جي وزيرن کي چئني صوبن جو دورو ڪري صوبائي حڪومتن سان گڏجي تيل جي بچت ۽ بنا رنڊڪ فراهمي جو منصوبو تيار ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.