هر سال 8 مارچ تي سڄي دنيا ۾ عورتن جو ڏينهن ملهايو ويندو آهي. ان ڏينهن کي ملهائڻ پويان هڪ ڊگهي تاريخ، جدوجهد ۽ انساني حقن لاءِ قربانين جو داستان موجود آهي. عورتن جو عالمي ڏينهن اصل ۾ انهن عورتن جي جدوجهد جي ياد ڏياريندو آهي، جن سماجي ناانصافين، معاشي استحصال ۽ پدرشاھي نظام خلاف آواز بلند ڪيو. اڄ جڏهن دنيا جديديت، انساني حقن ۽ برابري جي دعوائن سان اڳتي وڌي رهي آهي، تڏهن به عورتن سان ٿيندڙ امتيازي رويو ۽ پدرشاھي سوچ ڪيترن ئي سماجن ۾ مضبوط نموني موجود آهي.
عورتن جي عالمي ڏينهن جو تاريخي پس منظر ويهين صديءَ جي صنعتي دور سان ڳنڍيل آهي، جڏهن يورپ ۽ آمريڪا جي ڪارخانن جي مزدور عورتن پنهنجي بنيادي حقن لاءِ تحريڪون شروع ڪيون. 1908ع ۾ نيويارڪ جي هزارين مزدور عورتن گهٽ اجرت، ڊگهن ڪم جي ڪلاڪن ۽ غير محفوظ حالتن خلاف احتجاج ڪيو. انهن جو مطالبو هو ته کين مردن جي برابر اجرت، ڪم جا مناسب ڪلاڪ ۽ ووٽ جو حق ڏنو وڃي. انهن احتجاجن عالمي سطح تي هڪ نئين شعور کي جنم ڏنو. ان جدوجهد جي نتيجي ۾ 1910ع ۾ ڊينمارڪ جي شهر ڪوپن هيگن ۾ ٿيل هڪ عالمي سوشلسٽ ڪانفرنس دوران جرمن اڳواڻ ڪلارا زيٽڪن عورتن جي عالمي ڏينهن ملهائڻ جي تجويز پيش ڪئي. هن تجويز کي مختلف ملڪن جي نمائندن حمايت ڏني ۽ پوءِ 1911ع کان ڪيترن ئي ملڪن ۾ عورتن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ شروع ڪيو ويو. وقت سان گڏ هي ڏينهن عالمي سطح تي عورتن جي حقن ۽ برابري لاءِ جدوجهد جي علامت بڻجي ويو. پر تاريخي طور ڏسجي ته عورتن جي استحصال جو بنيادي سبب سماج جو اهو ڍانچو رهيو آهي، جنهن کي پدرشاھي نظام سڏيو وڃي ٿو. جنهن ۾ مرد کي برتري حاصل هوندي آهي ۽ عورت کي ثانوي حيثيت ڏني ويندي آهي. هن نظام ۾ سياسي، معاشي ۽ سماجي اختيار گهڻو ڪري مردن وٽ هوندا آهن، جڏهن ته عورتن کي گهريلو دائري تائين محدود رکيو ويندو آهي.
پدرشاھي سوچ صدين کان عورتن کي تعليم، روزگار ۽ فيصلا سازي جي عمل کان پري رکيو. ڪيترن معاشرن ۾ عورت کي صرف گهر جي ذميوارين تائين محدود سمجهيو ويو، جڏهن ته مرد کي معاشري جو مرڪزي ڪردار قرار ڏنو ويو. ان سوچ جي نتيجي ۾ عورتن کي نه رڳو معاشي طور ڪمزور رکيو ويو، پر سندن شخصي آزادي ۽ سماجي حيثيت تي به پابنديون وڌيون ويون.
جديد دور ۾ جيتوڻيڪ حڪومتي ۽ قانوني سطح تي ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن، پر حقيقت اها آهي ته پدرشاھي نظام جون جڙون اڃا به ڪيترن سماجن ۾ گهريون آهن. عورتن خلاف گهريلو تشدد، ڪم جي جڳهن تي هراساني، تعليم ۾ عدم برابري ۽ سياسي نمائندگي جي کوٽ جهڙا مسئلا اڄ به دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ موجود آهن. ترقي يافته ملڪن ۾ به عورتن کي مردن جي ڀيٽ ۾ گهٽ اجرت ملڻ جهڙا مسئلا مڪمل طور ختم ناهن ٿيا. ڏکڻ ايشيا جهڙن علائقن ۾ صورتحال وڌيڪ پيچيده آهي، جتي سماجي روايتون، جاگيرداري ذهنيت ۽ جهالت عورتن جي ترقي ۾ رنڊڪ بڻجن ٿيون. ڪيترن هنڌن تي عورتن کي تعليم کان محروم رکيو وڃي ٿو يا سندن شاديءَ بابت فيصلا به سندن مرضي کانسواءِ ڪيا وڃن ٿا. اهڙيون حالتون واضح ڪن ٿيون ته صرف قانوني سڌارا ڪافي ناهن، پر سماجي سوچ ۾ تبديلي پڻ ضروري آهي.
ان پس منظر ۾ عورتن جو عالمي ڏينهن هڪ اهم موقعو مُهيا ڪري ٿو ته معاشرا پنهنجو احتساب ڪن. هي ڏينهن ياد ڏياريندو آهي ته عورتن جي برابري رڳو هڪ اخلاقي ضرورت ناهي، پر سماجي ترقي لاءِ به لازمي شرط آهي. تحقيقن مان پڻ ثابت ٿيو آهي ته جتي عورتن کي تعليم، روزگار ۽ فيصلا سازي ۾ برابر موقعا ملن ٿا، اتي سماجي ۽ معاشي ترقي وڌيڪ تيز ٿيندي آهي. عورتن جي جدوجهد جو مثبت پهلو اهو آهي ته گذريل صديءَ ۾ ڪافي تبديليون به آيون آهن. عورتن کي ووٽ جو حق مليو، تعليم جا دروازا کليا ۽ سياسي ميدان ۾ به سندن نمائندگي وڌي. دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ عورتون وزيراعظم، صدر ۽ اهم اداري جي سربراهه طور پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. پر ان باوجود مڪمل برابري جو خواب اڃا به پورو ٿيڻ کان پري آهي.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پدرشاھي ذهنيت کي تبديل ڪرڻ لاءِ سنجيده قدم کڻجي. تعليم، شعور ۽ قانوني تحفظ ان عمل جا اهم اوزار ٿي سگهن ٿا. مردن کي به هن جدوجهد جو ساٿي بڻجڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته برابري جو معاشرو صرف عورتن جي جدوجهد سان نه پر گڏيل سماجي ڪوششن سان ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو. ميڊيا، تعليمي ادارا ۽ سول سوسائٽي به هن شعور کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. جيڪڏهن نئين نسل کي برابري، احترام ۽ انساني حقن جي قدرن سان تربيت ڏني وڃي ته مستقبل ۾ اهڙو سماج وجود ۾ اچي سگهي ٿو، جتي جنس جي بنياد تي ڪنهن سان به امتيازي ورتاءُ نه ڪيو وڃي.
سو عورتن جي حقن لاءِ جدوجهد رڳو عورتن جو مسئلو ناهي، پر اهو سموري انسانيت جو مسئلو آهي. جڏهن تائين پدرشاھي نظام جي ناانصافين کي ختم نه ڪيو ويندو، تڏهن تائين سماجي انصاف جو خواب اڌورو رهندو. ان ڪري ضروري آهي ته دنيا جا معاشرا عورتن کي برابر حق ۽ عزت ڏيڻ لاءِ عملي قدم کڻن، جيئن هڪ اهڙو سماج قائم ٿي سگهي جتي انصاف، برابري ۽ انساني وقار هر انسان جو بنيادي حق هجي.