اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت طرفان قومي احتساب بيورو (نيب) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) نذير احمد جي ملازمت واري مدي ۾ وڌيڪ 3 سالن جي واڌ ڪئي وئي، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. قانون واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، نيب چيئرمين جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ يعني 6 مارچ 2026 کان لاڳو هوندي .نوٽيفڪيشن ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته سندس ملازمت جي مدي ۾ واڌ موجوده شرطن ۽ ضابطن تحت ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته ليفٽيننٽ جنرل (ر) نذير احمد کي پهريون ڀيرو 6 مارچ 2023 تي 3 سالن لاءِ نيب جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو هو، سندس ملازمت جو مدو ڪالهه پورو ٿي رهيو هو.