نظريي جو جنازو نڪري ويو:شفيق مينگل جي پ پ ۾ شموليت تي سماجي رد عمل

ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) شفيق مينگل جي پيپلز پارٽي ۾ شموليت کانپوءِ سوشل ميڊيا تي هڪ نئين بحث جنم ورتو  هي، جنهن ۾ پارٽي جي نظرياتي حيثيت ۽ ماضي جي فيصلن تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي. نصير ميمڻ، نعمت کهڙو ۽ علي رند جهڙن اثرائتن آوازن پارٽي جي هن قدم کي سياسي موقعي پرستي ۽ نظرياتي ڏيوالپڻو قرار ڏنو آهي. نصير ميمڻ جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن شفيق مينگل جهڙا ماڻهو پارٽي ۾ شامل ٿي سگهن ٿا، ته پوءِ ضياءُ الحق کي شهيد قرار ڏئي اعزازي رڪنيت ڏيڻ ۾ ڪهڙي رڪاوٽ آهي؟ علي رند ياد ڏياريو آهي ته هي پهريون ڀيرو ناهي؛ آصف علي زرداري ان کان اڳ بينظير ڀٽو جي قاتل قرار ڏنل پرويز الاهي کي به نائب وزيراعظم بڻائي چڪو آهي. نعمت کهڙي موجب، پي پي ڪا پاڪ صاف پارٽي ناهي، ان ۾ اڳ ئي اهڙا ماڻهو موجود آهن جن تي ڳنڀير ڏوهن جا ڪيس رهيا آهن، ان ڪري شفيق مينگل جي شموليت تي حيران نه ٿيڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.