وچ اوڀر ۾ هلندڙ جنگ سبب جنهن خطري جو ڊپ هو يا توقع هئي تنهن خوفناڪ صورتحال پنهنجو منهن ڏيکارڻ شروع ڪيو آهي يعني جنگ جي خراب معاشي اثرن کي ڀوڳڻ جو وقت اچي ويو آهي. پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئشن جي چيئرمين عبدالسميع خان ٻڌايو آهي ته ملڪ ۾ پمپن تي تيل جي کوٽ شروع ٿي وئي آهي. پريس ڪانفرنس ڪندي هن ڄاڻايو آهي ته ملڪ اندر پيٽرول جي گهرج اوچتو وڌي وئي آهي. ٻئي پاسي عالمي سطح تي وڌندڙ جيو پوليٽيڪل ڇڪتاڻ جي پس منظر ۾ حڪومت پيٽروليم جي شيئن جي قيمت جي تعين واري طريقي ڪار ۾ تبديلي آڻڻ تي غور ڪري رهي آهي.
نجي ٽي وي جي رپورٽ موجب موجوده حالتن کي نظر ۾ رکندي تيل جي قيمتن جو جائزو وٺڻ لاءِ نيون تجويزون تيار ڪيون ويون آهن. توانائي واري وزارت ان حوالي سان تفصيلي لوڊ مئنيجمينٽ پاليسي تيار ڪري ورتي آهي. ان پاليسي تحت هاڻي پيٽرول ۽ ڊيزل جو تعين هر 15 ڏينهن بدران هر هفتي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جيئن عالمي مارڪيٽ ۾ ٿيندڙ تبديلين موجب قيمت کي فوري طور ايڊجسٽ ڪري سگهجي. توانائي واري وزير علي پرويز ملڪ پڻ هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ ٻڌايو ته هن وقت غير معمولي حالتون آهن. خطي ۾ اهڙي جنگ شروع ٿي وئي آهي جنهن جي وڪڙ ۾ ڪيترائي ملڪ اچي ويا آهن. آبنائي هر مز وارو سامونڊي لنگهه بند ڪرڻ سبب پيٽرول جي سپلاءِ متاثر ٿي آهي. هن چيو ته قطر اسان کي آگاهه ڪيو آهي ته اهو ايران جا ڪارگو فراهم نه ڪندو، تنهن ڪري اسان کي ان جو متبادل ڳولڻو آهي. گئس فيلڊن تان پيدوار وڌائڻي پوندي اسان اهو به فيصلو ڪري رهيا آهيون ته توانائي جي شعبي ۾ گئس تي مدار ڪيترو گهٽ ڪري سگهون ٿا. اسان فرينس آئل تي بجلي پيداوار وڌائڻ جو مشورو ڏنو آهي، ان سان بجلي اگهه 25 کان 30 پيسا في يونٽ مهانگو ٿيندو پر گئس جي شعبي تي بار گهٽجي ويندو. هن چيو ته سحري ۽ افطاري جي وقتن کي کي ڇڏي باقي وقت ۾ گئس جو پريشر گهٽائي رهيا آهيون. هن چيو ته في الحال مارچ مهيني تائين گئس جا ذخيرا موجود آهن ان کان پوءِ ٿي سگهي ٿو ته ٽرمينل بند ڪريون يا آبنائي هرمز کان ٻاهر متبادل ڪارگو لاءِ ڪوشش ڪنداسين. ٿوري لوڊشيڊنگ به وڌندي. باقي پيٽرول جي حوالي سان اسان وٽ ذخيرا ڪرڻ جي گنجائش آهي تنهن ڪري ڪنهن به پيٽرول پمپ تي ذخيرا اندوزي برداشت نه ڪئي ويندي اسان وٽ 25 ڏينهن جو اسٽاڪ موجود آهي. هن چيو ته اسان هاڻي جيڪو به تيل خريد ڪنداسين اهو مهانگو پوندو ان تي لاجسٽڪ خرچ ۽ جنگ جو پريميئر وڌيڪ هوندو. هن چيو ته جنگ 25 ڏينهن کان مٿي هلي هت افغانستان ۽ ٻين ملڪن ڏانهن اسمگلنگ وڌي سگهي ٿي. ٻيو ته لوڊ مئنيجمنٽ قائم ڪري گهر مان ڪم ڪرڻ واري نظام ڏانهن وڌي سگهجي ٿو.
اهو ته ٿيو حڪومتي جائزو ۽ موقف پر رپورٽون آهن ته آبنائي هرمز جي صورتحال ۽ قطر مان ايل اين جي جي درآمد ۾ تعطل سبب ڪراچي ۾ گئس جو بحران شدت اختيار ڪري چڪو آهي ۽ شهر جي مختلف علائقن ۾ گئس جي ڊگهي لوڊشيڊنگ شروع ٿي وئي آهي جنهن ڪري شهرين کي خاص طور تي سحري افطار جي تياري ۾ تمام گهڻي تڪليف رسي رهي آهي.
اها صورتحال حقيقت ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل جي ملڪي سربراهن کي ٻڌائڻ گهرجي جن جي جنگي جنون سان نه رڳو بي گناهه ماڻهو مري رهيا آهن پر جيڪي جيئرا آهن تن جو جئيڻ پڻ تنگ ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته حڪومت جو بنيادي ڪم عوام جي خدمت ڪرڻ ۽ کين جيئڻ جون بنيادي سهولتون ڏيڻيون هونديون آهن. اهي حڪمران چونڊن جي مهم ۾ هڪڙيون ڳالهيون ڪندا آهن ۽ جڏهن اقتدار ۾ ايندا آهن ٻيا عوام دشمن ڪم ڪرڻ شروع ڪندا آهن. مثال طور آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چونڊ مهم ۾ عوام جي آڏو اهو پروگرام رکيو هو ته هو اقتدار ۾ آيو ته دنيا ۾ نه رڳو هلندڙ جنگيون ختم ڪرائيندو پر آئينده نيون جنگيون به نه ڪندو پر هن پنهنجي دعوائن جي ابتڙ پاڻ ئي ايران تي جنگ مڙهي ڇڏي آهي جنهن سان سڄو وچ اوڀر شديد نموني متاثر ٿيو آهي. ڪالهه وري پنهنجي تازي خطاب ۾ چيو اٿائين ته ايران کان هاڻي ڪيوبا جو وارو آهي. اهو ڪيڏو نه عجيب غير جمهوري ۽ آمراڻو رويو آهي ته ڪنهن ملڪ جي جيڪا حڪومت يا حڪمران ٽرمپ صاحب کي نه وڻندو تنهن کي اهو حڪومت ڪرڻ نه ڏيندو. وينزويلا جي ته صدر کي ئي زال سميت اغوا ڪري چڪو آهي پر افسوس ته دنيا خاموش آهي. هاڻي به ٽرمپ فرمائي ٿو ته جيڪڏهن سندس مشوري بنا ايران نئون صدر چونڊيو ته هو ان کي نه قبوليندو.
آمريڪا جي پاڳل قيادت جو پاڳلپڻو ته پنهنجي جاءِ تي پر ان کان وڏي بي وسي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته سواءِ ايران جي دنيا جو ڪوبه ملڪ آمريڪا جي صدر کي چئلنج نٿو ڪري سگهي ۽ نه ئي دنيا جا ملڪ متحد ٿي آمريڪا تي دٻاءُ وجهڻ جي پوزيشن ۾ آهن. نتيجي ۾ لڳي ٿو ته سڄي دنيا آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي رحم ڪرم تي آهي.
اسرائيل آمريڪا جي ايران خلاف هلندڙ جنگ سان عام ماڻهن جي زندگيءَ تي به هاڻي جيڪي سڌا سنوان خوفناڪ اثر پئجي رهيا آهن، تيل، گيس ۽ بجلي جي بحران سميت مجموعي طور تي جيڪا مهانگائي وڌي رهي آهي تنهن جو هڪڙو ئي حل آهي ته آمريڪي صدر کي ڪو شل رحم پوي ۽ ايران خلاف هلندڙ جنگ کي جلد کان جلد ختم ڪري پر همراهه جا ته ارادا ئي ٻيا آهن. هڪ جنگ اڃان ختم ئي ناهي ٿي ته ڪيوبا کي جنگي نشانو بڻائڻ جو الٽيميٽم ڏئي رهيو آهي. سو بهتري جا ڪي به امڪان نظر نٿا اچن هاڻي صرف ۽ صرف جنگ جي خراب اثرن کي ڀوڳڻو آهي جيڪو وقت اچي ويو آهي.