ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ هاءِ ويز تي وڌندڙ ٽريفڪ حادثن بابت اهم حڪم جاري ڪندي چيئرمين اين ايڇ اي ۽ آءِ جي موٽر وي پوليس خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هاءِ ويز جي خراب صورتحال ۽ وڌندڙ ٽريفڪ حادثن خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران اين ايڇ اي ۽ موٽر وي پوليس جا عملدار عدالت ۾ پيش ٿيا، ٻڌڻي دوران عدالت اين ايڇ اي عملدارن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پڇاڻو ڪيو ته هاءِ ويز جي بهتري لاءِ اين ايڇ اي ڪهڙا قدم کڻي رهي آهي، اين ايڇ اي جي ميمبر عبداللطيف مهيسر عدالت کي آگاهي ڏني ته يارنهن منصوبا ۽ اسڪيمون موجود آهن ۽ سنڌ ۾ اين ايڇ اي هيٺ بحالي جا منصوبا جاري آهن، جسٽس نثار ڀنڀرو سوال ڪيو ته ڇا توهان کي خبر آهي ته حادثن ۾ ڪيترا ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن؟ ڇا موٽر ويز ۽ هاءِ ويز تي ايمرجنسي سهولتون موجود آهن؟ ان تي اين ايڇ اي عملدار ٻڌايو ته ايم نائين موٽر وي تي نوري آباد وٽ ٽراما ۽ ريسڪيو سينٽر قائم آهي، جسٽس نثار ڀنڀرو ريمارڪس ڏيندي چيو ته اين ايڇ اي سڀ کان ناڪارا ادارو بڻجي ويو آهي ۽ نااهل ماڻهن کي آفيسن ۾ ويهاريو ويو آهي، اين ايڇ اي جي وڪيل دليل ڏنو ته حادثا رڳو هاءِ ويز تي ناهن ٿيندا پر ٻين اهم رستن تي به ٿين ٿا، جڏهن ته لائسنس ۽ گاڏين جي فٽنيس جو معاملو صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي، ايڪسل لوڊ بابت به سنڌ حڪومت کي ڪيترائي ڀيرا آگاهه ڪيو ويو آهي ته اهڙين گاڏين کي موٽر ويز تي اچڻ کان روڪيو وڃي، جسٽس نثار ڀنڀرو چيو ته پئسا به ته توهان وٺو ٿا، اين ايڇ اي سيفٽي آرڊيننس پڙهو ته اها ذميواري صوبائي پوليس جي آهي يا موٽر وي پوليس جي، عدالت حڪم ڏنو ته هاءِ ويز تي ٿيندڙ حادثن جا ڪيس چيئرمين اين ايڇ اي ۽ آءِ جي موٽر وي پوليس خلاف داخل ڪيا وڃن ۽ جيڪڏهن هاءِ ويز تي ٽريفڪ بند ٿي ته ان جو مالي نقصان اين ايڇ اي کي ڀرڻو پوندو، جسٽس نثار ڀنڀرو چيو ته جيڪڏهن روڊ خراب هجي ته موٽر وي پوليس کي چئي سگهجي ٿو ته ٽريفڪ روڪي ڇڏي ۽ جيڪڏهن ضرورت پئي ته هاءِ ويز سنڌ حڪومت حوالي ڪيا ويندا ته جيئن ڪم ڪرائي سگهجي، ٻڌڻي دوران اين ايڇ اي جي وڪيل ٻڌايو ته ايم نائين موٽر وي لاءِ ڏنل زمين جي منتقلي سنڌ حڪومت ختم ڪري ڇڏي آهي، جسٽس سليم جيسر چيو ته وفاق ادائيگي نه ڪئي هئي تنهن ڪري منتقلي رد ڪئي وئي، جسٽس نثار ڀنڀرو سوال ڪيو ته ڇا توهان سکر کان اسلام آباد تائين سفر ڪيو آهي؟ ڇا هالا کان سکر تائين ايتري دير ۾ پهچي سگهجي ٿو؟ جسٽس سليم جيسر رمارڪس ڏيندي چيو ته سنڌ سان ويڳي ماءُ وارو سلوڪ ڇو ڪيو ويندو آهي؟ هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ جڏهن هڪ پل ڪرڻ بعد چيئرمين خلاف ڪيس داخل ٿيو ته ان کان پوءِ ڪو به پل نه ڪريو، اين ايڇ اي عملدار عدالت کي ٻڌايو ته انڊس هاءِ وي مارچ تائين مڪمل بحال ڪئي ويندي، جنهن تي عدالت سوال ڪيو ته پوءِ مارچ تائين ٿيندڙ حادثن جو ذميوار ڪير هوندو؟ جسٽس سليم جيسر چيو ته عدالت ان معاملي تي تفصيلي حڪم نامو جاري ڪندي، عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 10 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.