گريٽر اسرائيل منصوبي جو وچ اوڀر تي پوندڙ خوفناڪ اثر

ايوب ملڪ

آڪٽوبر 2002ع ۾ آمريڪي صدر جارج بش عراق تي حملي کان هڪ سال اڳ ئي قوم کي خبردار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو هو ته عراق ڪنهن به وقت آمريڪا تي ڪيميائي ۽ ٻين خطرناڪ هٿيارن سان حملو ڪري سگهي ٿو۔ پر ان جي ابتڙ صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيل سان گڏجي ايران تي ٿيل وڏي حملي لاءِ ڪو واضح جواز پيش ناهي ڪيو، جنهن ۾ پاسدارانِ انقلاب جي سربراهه سميت ڪيترن ماڻهن جون جانيون ضايع ٿي ويون آهن۔ ويٽنام جي جنگ کان پوءِ آمريڪا هڪ حڪمت عملي تيار ڪئي جنهن کي پاول ڊاڪٽرائن چيو ويندو آهي۔ ان موجب جڏهن به آمريڪا فوجي طاقت استعمال ڪندو ته ان کي پنهنجا سياسي مقصد واضح طور بيان ڪرڻا پوندا۔ پر ايران تي حملي بابت ڊونلڊ ٽرمپ ڪڏهن ايٽمي هٿيارن جي ڦهلاءُ کي روڪڻ، ڪڏهن ايراني ميزائلن کي محدود ڪرڻ، ته ڪڏهن ايران ۾ مظاهرين جي تحفظ يا حڪومت تبديل ڪرڻ جهڙا مختلف جواز پيش ڪري رهيا آهن۔ ان مان لڳي ٿو ته آمريڪا بنا ڪنهن واضح جواز جي ئي مشرقِ وسطيٰ ۾ ٻن ايئرڪرافٽ ڪيريئرن سميت وڏي فوج سان ايران تي حملو ڪيو آهي۔

ياد رهي ته وينزويلا واري آپريشن دوران به اهڙيون ئي وضاحتون ڏنيون ويون هيون۔ ڪڏهن خطرناڪ منشيات کي روڪڻ جو جواز ڏنو ويو، ڪڏهن وينزويلا جي مظلوم عوام کي آمر کان نجات ڏيارڻ جي ڳالهه ڪئي وئي، ۽ پوءِ مونرو ڊاڪٽرائن جو حوالو ڏئي چيو ويو ته آمريڪا پنهنجي علائقي ۾ ڪميونسٽ حڪومتون برداشت نه ڪندو۔ پر جڏهن نيڪولس مادورو کي اغوا ڪيو ويو ته اهي سڀ جواز پوئتي رهجي ويا ۽ مادورو جو سڄو نظام برقرار رکيو ويو۔ ڪيترن ماهرن جو خيال آهي ته آمريڪا اصل ۾ اها سڄي ڪارروائي وينزويلا جي تيل تي مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪرڻ لاءِ ڪئي۔ هاڻي ڪيترن سالن کان پوءِ پهريون ڀيرو وينزويلا جو تيل وڏي مقدار ۾ اسرائيل ڏانهن موڪليو پيو وڃي۔  ساڳي صورتحال هاڻي ايران جي حوالي سان به ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، جيڪا وڌيڪ خطرناڪ ۽ پيچيده جنگ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي۔ ڪيترن ماهرن جو چوڻ آهي ته هيءَ جنگ اصل ۾ بنيامين نيتن ياهو جي پراڻي خواهش جي تڪميل آهي: آمريڪا کي ايران ۾ حڪومت تبديل ڪرڻ واري جنگ ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ ايران کي به ليبيا، عراق ۽ شام وانگر ڊگهي گهرو جنگ ۾ ڦاسايو وڃي۔ واضح رهي ته گذريل هڪ سال دوران بنيامين نيتن ياهو ست ڀيرا ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ڪري چڪو آهي، جيڪا ڪنهن به ٻي عالمي اڳواڻ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي۔ جڏهن به نيتن ياهو آمريڪا جو دورو ڪندو آهي ته آمريڪا اسرائيل جي دشمنن سان ڪنهن نه ڪنهن تڪرار ۾ ڦاسي ويندو آهي۔ کليل جنگ نه سهي، پر ڇڪتاڻ ضرور وڌي ويندي آهي۔

ايران تي حملي ۾ انهن آمريڪي اتحادي ملڪن جو به دٻاءُ شامل آهي، جن ٽرمپ جي چونڊ مهم ۾ اربين ڊالر سيڙپڪاري ڪئي هئي۔ ڪيترن تجزيه نگارن جو خيال آهي ته صدر ٽرمپ گهڻو حد تائين اسرائيل جي اثر هيٺ آهن، ڇاڪاڻ ته ايران جا جن بيلسٽڪ ميزائلن کي آمريڪا ختم ڪرڻ چاهي ٿو، اهي آمريڪا تائين پهچڻ جي صلاحيت ئي نٿا رکن۔ ان کان علاوه آمريڪا کي ايران جي تيل جي به ڪا خاص ضرورت ناهي، ڇو ته ان وٽ پنهنجي علائقي ۾ تيل پيدا ڪندڙ ڪيترن ملڪن تائين پهچ موجود آهي۔ گذريل ٻارهن ڏينهن واري جنگ ۽ موجوده جنگ ۾ هڪ وڏو فرق اهو آهي ته هن ڀيري آمريڪا پنهنجن فوجي اثاثن جو لڳ ڀڳ هڪ ٽيون حصو هن علائقي ۾ مقرر ڪري ڇڏيو آهي ۽ عملي طور اسرائيلي فوج جي هڪ بازو وانگر ڪم ڪري رهيو آهي۔ اسرائيل جو پراڻو خواب رهيو آهي ته مشرقِ وسطيٰ جا سڀ ملڪ ان جي اثر هيٺ هجن، ۽ آمريڪا هن مقصد جي حاصلات لاءِ اسرائيل کي مڪمل فوجي مدد ڏئي رهيو آهي۔

اسرائيل ۾ مقرر آمريڪي سفير چيو آهي ته اسرائيل کي بائبلي بنيادن تي مشرق وسطيٰ جي وسيع علائقن تي قبضي جو حق حاصل آهي۔ ان مان اهو تاثر پيدا ٿئي ٿو ته مشرق وسطيٰ کي هڪ گريٽر اسرائيل طور ڏٺو وڃي، جتي چوڌاري اهڙيون حڪومتون هجن جيڪي اسرائيل جون مطيع ۽ دوست هجن ۽ اسرائيل جي فوجي طاقت يا فلسطين تي قبضي تي سوال نه اٿاري سگهن۔ آبنائي هرمز مان تيل جي رسائي بند ٿي چڪي آهي، جتان دنيا جي لڳ ڀڳ ويهه سيڪڙو تيل روزانو گذري ٿو۔ هن رستي ذريعي ڀارت جي 60 سيڪڙو، جاپان جي 75 سيڪڙو ۽ چين جي 15 سيڪڙو کان وڌيڪ تيل جون ضرورتون پوريون ٿين ٿيون۔

ان سان گڏ ايران بحرين ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏن کي نشانو بڻائڻ کي به اهميت ڏئي رهيو آهي، ڇو ته اهي اڏا آمريڪي جنگي جهازن لاءِ ٽوماهاڪ ڪروز ميزائل ۽ هوائي دفاعي ميزائل ٻيهر لوڊ ڪرڻ جي اهم جڳهه آهن۔ جيڪڏهن اها صورتحال جاري رهي ته بحيره عرب ۾ موجود آمريڪي طيارہ بردار بحري ٻيڙو، جنهن ۾ يو ايس ايس ابراهيم لنڪن به شامل آهي، کي ميزائل ٻيهر ڀرڻ لاءِ بحرين بدران ڊيگو گارشيا وڃڻو پوندو، جيڪو لڳ ڀڳ ٽن ڏينهن جي فاصلي تي آهي۔ اهڙي صورت ۾ آمريڪا لاءِ بحر هند مان ايران تي مسلسل حملا جاري رکڻ مشڪل ٿي سگهي ٿو۔

ياد رکڻ گهرجي ته آمريڪا ۽ اسرائيل ايران تي ان وقت حملو ڪيو جڏهن ڳالهين دوران ايران پنهنجي ايٽمي افزودگي واري پروگرام تي نظرثاني لاءِ تيار ٿي ويو هو۔ ان مان اهو تاثر ملي ٿو ته شايد اهي ڳالهيون رڳو وقت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيون پئي ويون۔ آمريڪا جو اهو خيال ته جيڪڏهن ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي کي هٽايو وڃي ته ايران ۾ به وينزويلا جهڙي حڪومت قائم ڪري سگهبي، ان تي مشهور اقتصاديات دان جيفري ساڪس چيو آهي ته اهو ممڪن ناهي ۽ هي سڄو علائقو ڊگهي جنگ ۾ ڦاسي سگهي ٿو۔ جيڪڏهن اهڙي گهرو جنگ شروع ٿي ته اها رڳو ايران تائين محدود نه رهندي، پر پناهگيرن جي لهر، فرقيواريت ۽ معاشي عدم استحڪام سبب ترڪيه ۽ پاڪستان به ان جا اثر ڀوڳي سگهن ٿا۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.