ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ)پاڪستان ۾ سال 2026 جو پهريون پوليو ڪيس سامهون اچي ويو، سجاول ضلعي جي ٻيلو يونين ڪائونسل ۾ 4 ورهين جي ٻارڙي ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي، واضح رهي ته گذريل سال پاڪستان ۾ پوليو جي مجموعي ڪيسن جو انگ 31 رڪارڊ ڪيو ويو هو، صحت کاتي جي عملدارن موجب اسلام آباد جي ليبارٽري وائلڊ پوليو وائرس ڪيس جي تصديق ڪئي آهي، عملدارن موجب پوليو وائرس هاڻ به سنڌ ۽ ڪي پي جي ڪجهه علائقن ۾ گردش ڪري رهيو آهي، سال 2026 ۾ هن وقت تائين 4 ڪروڙ 50 کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيئاريا ويا آهن، جڏهن ته اپريل ۾ ملڪ ۾ پوليو خلاف مهم شروع ڪئي ويندي.