تهران/واشنگٽن (م ڊ) ايران جي پاسدارانِ انقلاب آمريڪا کي سخت چئلينج ڪندي چيو آهي ته هو آبنائي هرمز مان تيل جو هڪ ڦڙو به گذرڻ نه ڏيندا. هوڏانهن آمريڪي توانائي واري وزير ڪرس رائٽ جو چوڻ آهي ته آمريڪي نيوي جلد ئي علائقي ۾ واپاري ٻيڙن کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ شروع ڪندي. ايران جي پاسدارانِ انقلاب جي نيول ڪمانڊر آمريڪا کي کليل چئلينج ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ۾ سگهه آهي ته هو آبنائي هرمز مان پنهنجا بحري ٻيڙا ڪڍي ڏيکاري. هن چيو ته اڃا تائين اسان سمنڊ ۾ رڳو ميزائل ۽ ڊرون استعمال ڪيا آهن، پر وڏي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ اڃا باقي آهي. ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته فارسي نار سندن پنهنجو علائقو آهي ۽ آمريڪي فوج کي اتان نڪري وڃڻ گهرجي.