جنگ جا اثر: گئس ۽ تيل بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ لوڊ مئنيجمينٽ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عبدالسميع خان چيو آهي ته ملڪ ۾ پيٽرول پمپن تي کوٽ شروع ٿي وئي آهي، جڏهن ته ٻئي پاسي حڪومت اعلان ڪيو آهي ته پيٽروليم شين  جي ذخيرا اندوزي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عبدالسميع خان چيو ته ملڪ ۾ پيٽرول جي گهرج اوچتو وڌي وئي آهي ۽ مختلف پيٽرول پمپن تي کوٽ پيدا ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي، پيٽرول جي قيمت ۾ وڌيڪ واڌ نه ڪئي وڃي، ان سان غريب ۽ موٽر سائيڪل هلائيندڙ طبقو سخت متاثر ٿيندو، هن آءِ جي سنڌ کي به اپيل ڪئي ته پيٽرول پمپن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائي وڃي، ماڻهو وڏي مقدار ۾ پيٽرول پمپن تان پيٽرول خريد ڪري رهيا آهن، حڪومت پيٽروليم جي وافر ذخيرن بابت ڪوڙو بيان ڏئي رهي آهي، ٻئي پاسي حڪومت عوام کي خاطري آهي ته ملڪ ۾ پيٽروليم شين جا ڪافي ذخيرا موجود آهن جيڪي قومي طلب پوري ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن، عوام ڪنهن به قسم جي افواهن تي ڌيان نه ڏيئي ۽ نه ئي غير ضروري طور تي پيٽروليم شيون خريد يا ذخيرو ڪري، ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي،ٻئي پاسي عالمي سطح تي وڌندڙ جيوپوليٽيڪل ڇڪتاڻ جي پسمنظر ۾ حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن جي تعين واري طريقيڪار ۾ تبديلي آڻڻ تي غور ڪري رهي آهي، نجي ٽي وي رپورٽ موجب ذريعن ٻڌايو آهي ته موجوده حالتن کي نظر ۾ رکندي ٻارڻ جي قيمتن جو جائزو وٺڻ واري نظام کي وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ نيون تجويزون تيار ڪيون ويون آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته توانائي واري وزارت ان حوالي سان تفصيلي ورڪنگ تيار ڪري وزيراعظم کي بريفنگ ڏني آهي، ڄاڻايل منصوبي موجب پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن جو تعين هاڻي 15 ڏينهن بدران هر هفتي ڪرڻ جي تجويز غور هيٺ آهي، جيئن عالمي مارڪيٽ ۾ ٿيندڙ تبديلين موجب قيمتن کي فوري طور ايڊجسٽ ڪري سگهجي.

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)توانائي واري وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته هن وقت غيرمعمولي حالتون آهن،خطي ۾ اهڙي جنگ شروع  ٿي آهي جنهن ۾ ڪيترائي ملڪ وڪڙ ۾ اچي ويا آهن،آبنائي هرمز بند ڪرڻ سبب اسان جي توانائي سپلاءِ متاثر ٿي آهي،هن چيو ته هي جنگ ڏينهن جي نه پر هفتن جي لڳي رهي آهي،هن چيو ته قطر اسان کي آگاهه ڪيو آهي ته اهو ايل اين جي جا ڪارگو فراهم نه ڪندو،اسان کي ان جو متبادل ڳولڻُ آهي،اسان پنهنجي گئس فيلڊن تان پيداوار وڌائي ڇڏي آهي،اسان اهو به فيصلو ڪري رهيا آهيون ته توانائي شعبي ۾ ڪيترو گئس تي انحصار گهٽ ڪري سگهون ٿا، اسان فرنيس آئل تي بجلي پيداوار وڌائڻ جو مشورو ڏنو آهي،ان سان بجلي اگهه 25 کان 30 پئسا في يونٽ مهانگو ٿيندو پر گئس جي شعبي تي بار گهٽجي ويندو،هن چيو ته رڳو سحري ۽ افطاري کان علاوه گئس جو پريشر گهٽائي رهيا آهيون،اسان وٽ يوريا ڀاڻ جا ذخيرا موجود آهن،جيڪي ڀاڻ ٺاهيندڙ ڪارخانا گئس تي هلن ٿا،انهن کي گئس فراهمي بند ڪئي ويندي،هن چيو ته مارچ تائين گئس ذخيرا موجود آهن،ان کانپوءِ ٿي سگهي ٿو ٽرمينل بند ڪريون يا آبنائي هرمز کان ٻاهر متبادل ڪارگو لاءِ ڪوشش ڪنداسين،ٿوري لوڊشيڊنگ به وڌندي،طلب گهٽ ٿيندي،هن چيو ته تيل جي حوالي سان اسان وٽ ذخيرا ڪرڻ جي گنجائش آهي،ڪنهن به پيٽرول پمپ تي ذخيره اندوزي برداشت نه ڪئي ويندي،اسان وٽ 25 ڏينهن جو اسٽاڪ آهي،هن چيو ته هاڻي جيڪو به تيل خريد ڪنداسين اهو مهانگو هوندو،ان تي  لاجسٽڪ خرچ  ۽ جنگ جو پريميئم وڌيڪ هوندو،هن چيو ته سعودي عرب ڳاڙهي سمنڊ ذريعي اسان کي پيٽرول ۽ ڊيزل فراهم ڪندو،جنگ 25 ڏينهن کان مٿي وئي ته راشننگ اسان افغانستان ۽ ٻين ملڪن ڏانهن اسمگلنگ وڌي سگهي ٿي،لوڊ مئنيجمينٽ قائم ڪري گهر مان ڪم ڪرڻ واري نظام تي وڌي سگهجي ٿو،مهانگي توانائي وٺڻ کان بهتر آهي ته اسان لوڊ مئنيجمينٽ ڪريون،هن چيو ته اسان جي هڪ ريفائنري آمريڪا مان به تيل گهرائي رهي آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.