ڪوئيٽا(بيبرگ بلوچ)بلوچستان هڪ سرد علائقو آهي جيڪو ٽن رياستن پاڪستان، ايران ۽ افغانستان کي گڏائي ٿو، اهڙا علائقا پاور پوليٽڪس ۾ عام طور تي “چيڪ پوائنٽ” وانگر ڪم ڪندا آهن، خاص طور تي جڏهن ڪنهن هڪ ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ٿئي. جيڪڏهن ايران ۾ موجوده ڇڪتاڻ وڌي وڃي يا اندروني ڪمزوري پيدا ٿئي، ته ايران جي بلوچستان ۾ بيچيني اثرانداز ٿي سگهي ٿي،جيڪو پاڪستان ۽ ايران جي لاڳاپن تي به اثر وجهندو.بلوچستان ڏکڻ ايشيا، وچ اوڀر ۽ اولهه ايشيا جي سنگم تي واقع آهي، تنهنڪري ڪنهن به تبديلي تي هندستان، چين ۽ آمريڪا جهڙن وڏن ملڪ جون نظرون لڳل هونديون.بلوچستان جي اسٽرٽيجڪ اهميت دفاعي ۽ فوجي لحاظ کان به واضح آهي،گوادر پورٽ بلوچستان ۾ واقع هڪ گهري پاڻيءَ واري بندرگاهه آهي، جيڪا دنيا جي اهم ترين سامونڊي گذرگاهه آبنائي جي ويجهو آهي.ايران ۾ چهابار بندرگاهه، جنهن ۾ هندستان سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي، گوادر ۽ چهابار ٻن متوازي بندرگاهن طور ڪم ڪن ٿيون جيڪڏهن ايران ۾ اسٽرٽيجڪ دٻاءُ وڌي ٿو، ته بحري سرگرميون، نگراني ۽ دفاعي تياريون وڌي سگهن ٿيون، جنهن سبب بلوچستان هڪ اسٽريٽجڪ فرنٽ لائن بڻجي سگهي ٿو.بلوچستان عالمي واپار، توانائي جي ترسيل ۽ انفراسٽرڪچر جي سياست جو مرڪز بڻجي رهيو آهي.خطي ۾ معدني وسيلا، قدرتي گئس ۽ رئر ارٿ منرلز موجود آهن، جيڪي مستقبل ۾ معاشي طاقت جو ذريعو بڻجي سگهن ٿا.جيڪڏهن علائقائي جنگ يا عدم استحڪام وڌي ٿو، ته سيڙپڪاري متاثر ٿي سگهي ٿي ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ توانائي جي قيمتن ۾ لاهار چاڙها ٿي سگهن ٿا.