ڊيٿ اسڪواڊ ذريعي دهشت گردي ڪندڙ شفيق مينگل پ پ ۾ شامل

ڪراچي/اسلام آباد(ارباب چانڊيو+اسد طور)پاڪستان پيپلز پارٽي کي شفيق منگل جي پارٽي ۾ شموليت ۽ کيس قومي اسيمبلي جي سيٽ ڏيڻ تي مبارڪ هجي. اڄ توهان حد پار ڪري ڇڏي آهي. اهو ڪم ڪيو ويو آهي جيڪو شايد پيپلز پارٽي جي پوري تاريخ ۾ سڀ کان وڏو بدنما داغ طور ياد رکيو ويندو.جڏهن پيپلز پارٽي جو چيئرمين۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو پٽ، جنهن جي ماءُ کي دهشتگردن شهيد ڪيو، اهو قومي اسيمبلي ۾ شفيق منگل جهڙي شخص سان گڏ ويهندو ته سڀني کي حيرانگي ٿيندي جيڪڏهن توهان بي بي سي جي رپورٽ (سهَر بلوچ جي رپورٽ) پڙهو، جنهن ۾ شفيق منگل جي پسمنظر جو ذڪر آهي، ته پوءِ سوال اڀري ٿو ته پيپلز پارٽي کيس نه صرف شامل ڪيو، پر کيس سردار اختر جان مينگل جي خالي سيٽ پڻ ڏئي ڇڏي.هاڻي پيپلز پارٽي وٽ ڪو اصول باقي نه رهيو آهي. زمينن تي قبضو ڪندڙ،ڀتا خور،جيلن ۾ سالن کان قيد ماڻهو،يا جن جو نالو دهشتگردي سان لاڳاپيل جي آءِ ٽيز ۾ اچي،انهن سڀني کي هاڻي پارٽي ۾ شامل ڪرڻ ۾ ڪا دير نٿي لڳي.سيوهڻ  ۾ لال شهباز قلندر جي مزار وارو حملو،نوراني ۾ واقعو،اپر سنڌ ۾ بم ڌماڪن ۾جن ماڻهن جا نالا انهن الزامن ۾ ايندا رهيا آهن، انهن کي پارٽي ۾ شامل ڪرڻ سان شهيدن جي قربانين جي توهين ٿئي ٿي.آصفه ڀٽو زرداري ۽ بختاور ڀٽو زرداري کان  سوال آهي ته توهان عرفان مروت کي هڪ مخصوص الزام سبب پارٽي ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو، پر هتي وڌيڪ سنگين الزامن واري شخص کي ڪيئن شامل ڪيو ويو؟هي اها پيپلز پارٽي ناهي جيڪا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي هئي. تاريخ اوهان کان جواب وٺندي، جيئن تاريخ شهيدن جي قاتلن کي معاف نه ڪيو،پ پ کان سوال آهي ته ڇا توهان دهشتگردي جو شڪار ٿيندڙ عوام سان گڏ آهيو يا انهن ماڻهن سان، جن تي دهشتگردن جي حمايت جا الزام آهن؟ شفيق منگل تي ڊيٿ اسڪواڊ ٺاهڻ،بلوچ قوم پرستن جي اغوا ۽ تشدد ۾ ملوث،2014۾ توتڪ ۾ اجتماعي قبرن سان تعلق،2015۾ شڪارپور امام بارگاہ تي خودڪش بم حملو، جنهن ۾ 60 ماڻهو مارجي ويا، ۽ شفيق منگل جو نالو سامهون آيو،انهن الزامن باوجود، صدر آصف علي زرداري شفيق مينگل کي پارٽي ۾ شامل ڪيو، ۽ بلوچستان ۾ سياسي فائدن لاءِ استعمال ڪيو.شفيق مينگل تي لشڪر جهنگوي جهڙن شدت پسند تنظيمن سان تعلق هجڻ جا الزام آهن.پيپلز پارٽي، جيڪا اڳ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي اصولن تي بيٺل هئي، هاڻي ان ۾ اهڙا ماڻهو شامل ٿي رهيا آهن، پيپلز پارٽي جي سياسي عمل ۽ جمهوريت لاءِ اهڙي فيصلن جا سنگين اثر پوندا،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.