ايران جنگ خلاف احتجاج، اڳوڻي آمريڪي فوجي تي تشدد، ٻانهن ڀڄي پئي

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي سينيٽ جي ڪميٽي اجلاس دوران ايران سان جاري جنگ خلاف احتجاج ڪندڙ هڪ اڳوڻي آمريڪي ميرين تي سخت تشدد ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ سندس ٻانهن ڀڄي پئي آهي. هي واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن اڳوڻو فوجي سينيٽرن جي سامهون ايران جنگ جي مخالفت ۾ نعرا هڻي رهيو هو. اڳوڻي ميرين جو موقف هو ته آمريڪي حڪومت پنهنجي فوجين جون جانيون اسرائيلي مفادن لاءِ ضايع ڪري رهي  آهي. هن زور ڀريو ته آمريڪي فوجين کي هن جنگ ۾ ٻارڻ نه بڻايو وڃي. احتجاج دوران سينيٽ جي سيڪيورٽي ۽ پوليس اهلڪارن کيس زبردستي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. کيس گهلڻ ۽ کنڀي ٻاهر ڪڍڻ دوران تشدد سبب هن جي ٻانهن تي سخت زخم آيا ۽ هڏي ٽٽي پئي. سوشل ميڊيا تي هن واقعي جي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ آمريڪي عوام ۾ سخت ڪاوڙ لهر پکڙيل آهي ۽ جنگ جي مخالف تنظيمن پاران ان کي اظهارِ راءِ جي آزاديءَ تي حملو قرار ڏنو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.