تهران(عوامي آواز نيوز)ايراني سرڪاري ميڊيا موجب شهيد آيت الله علي خامنه اي، جي نمازِ جنازه اڄ (اربع) تهران ۾ ادا ڪئي ويندي، گذريل هفتي آمريڪا ۽ اسرائيل جي فضائي حملن دوران آيت الله علي خامنه اي شهيد ٿيو هو، آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز ايراني عملدارن جي حوالي سان رپورٽ ڏني آهي ته خامنه اي جو پٽ مجتبيٰ خامنه اي ايران جو نئون رهبرِ اعليٰ بڻجڻ لاءِ سڀ کان وڏو اميدوار بڻجي سامهون آيو آهي. نئين رهبرِ اعليٰ جي چونڊ جو فيصلو ممڪن آهي ته اڄ ئي ڪيو وڃي،هوڏانهن ايران جي سرڪاري ميڊيا موجب آيت الله علي خامنه اي جي سرڪاري سطح تي ٿيندڙ آخري رسومون ملتوي ڪيون ويون آهن۔ان کان اڳ سرڪاري ميڊيا ٻڌايو هو ته سندس نمازِ جنازه اڄ تهران ۾ ادا ڪئي ويندي ۽ ٽن ڏينهن تائين جاري رهندڙ تقريبن کان پوءِ تدفين ڪئي ويندي.هاڻي نون رپورٽن موجب منتظمين جو چوڻ آهي ته جاءِ (مقام) جي حتمي تعين ٿيڻ تائين تقريب ملتوي ڪئي پئي وڃي.هن حوالي سان ڪنهن به نئين تاريخ جو اڃا تائين اعلان ناهي ڪيو ويو.