ميڊرڊ/واشنگٽن(عوامي آواز نيوز)آمريڪي صدر ٽرمپ پاران اسپين کي واپاري ۽ معاشي ڌمڪيون ڏيڻ تي يورپي يونين جو اهم بيان سامهون اچي ويو آهي۔يورپي ڪائونسل جي صدر انتونيو ڪوسٽا هسپانوي وزيراعظم پيڊرو سانچيز سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو۔ان ڳالهه ٻولهه بابت انتونيو ڪوسٽا ٻڌايو ته هن پيڊرو سانچيز کي يورپي يونين جي مڪمل حمايت جو يقين ڏياريو آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته يورپي يونين پنهنجن رڪن ملڪن جي مفادن جي مڪمل تحفظ کي هر صورت يقيني بڻائيندي۔يورپي ڪونسل جي صدر موجب يورپي بلاڪ بين الاقوامي قانون ۽ قاعدن تي ٻڌل عالمي نظام جي اصولن سان پنهنجي پختي عزم جو اعادو ڪري ٿو۔واضح رهي ته آمريڪا ايران تي حملن لاءِ پنهنجن يورپي اتحادي ملڪن کان لاجسٽڪ ۽ عسڪري سهڪار طلب ڪيو هو، پر اسپين پنهنجي سرزمين ۽ فوجي اڏا مهيا ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو،اسپين چيو آهي ته آمريڪا کي بين الاقوامي قانون ۽ يورپي يونين سان ٿيل ٻطرفن واپاري معاهدن جو احترام ڪرڻ گهرجي۔ٽرمپ ڌمڪي ڏني هئي ته جيڪڏهن اسپين ايران تي حملن بابت مشنز لاءِ پنهنجا فوجي اڏا استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو ته آمريڪا اسپين سان سمورا واپاري معاملا ختم ڪري ڇڏيندو۔
اسپين ”جنگ نامنظور“ موقف تي قائم آهي:اسپيني وزيراعظم
ميڊرڊ(عوامي آواز نيوز)اسپين جي وزيراعظم ميڊرو سانچيز چيو آهي ته اسپين آمريڪا جي واپاري ڌمڪي ۽ جنگ جي خلاف آهي ۽ ڪنهن به تهذيب خلاف قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي. هن چيو ته اسپين جي موقف کي “جنگ نامنظور“ سمجهي سگهجي ٿو.هن چيو ته اسپين نه صرف ايران خلاف جنگ جي مخالفت ڪري ٿو پر بين الاقوامي قانون ۽ امن کي به ترجيح ڏئي ٿو. هن زور ڏنو ته گڏيل قومن جي منشور ۽ عالمي قانون جو تحفظ ضروري آهي ۽ صرف زور ۽ بمباري سان مسئلا حل نٿا ڪري سگهجن. سانچيز ياد ڏياريو ته عراق تي آمريڪي حملو به وڏو انسانيت جو نقصان ثابت ٿيو، ۽ ان کان سبق سکڻ لازمي آهي. هن اسپيني ماڻهن کي اعتماد ڏنو ته حڪومت اقتصادي اثرات کي منهن ڏيڻ لاءِ منصوبابندي ڪري رهي آهي، جيڪڏهن تجارتي لاڙ متاثر ٿئي.