انتهاپسند عرف پاڳل قيادت ئي ملڪن کي تباهه ۽ برباد ڪري رهي آهي

ڪجهه سالن کان اسرائيل ۽ فلسطين جي هلندڙ جنگ، ڀارت جي گذريل سال پاڪستان سان ڪيل چئن ڏينهن جي جنگ، روس ۽ يوڪرين جي جنگ، اسرائيل ايران، آمريڪا اسرائيل جي جنگ ۽ افغانستان پاڪستان  جي جنگن جي ذميوار آمريڪا، اسرائيل، ڀارت ۽ طالبان جي انتهاپسند عرف پاڳل قيادت آهي جنهن ڪجهه سالن اندر  سڄي دنيا کي هڪئي وقت جنگين جي لپيٽ  آڻي  ڇڏيو آهي. انهن جنگين کان علاوه به آمريڪا جا چين، روس ۽  وينزويلا وغيره سان شديد تڪرار هلندڙ آهن.

انهيءَ الميي تي ماتم ئي ڪري سگهجي ٿو ته دنيا اندر هاڻي انتها پسند سياسي جماعتن  کي اقتدار ملڻ لڳو آهي. اوهان جيڪڏهن ڪنهن پاڳل کي هٿ ۾ ڪلاشنڪوف ڏيندئو ته اهو  انڌا ڌنڌ فائرنگ نه ڪندو ته ڇا ڪندو؟.   اها ڳالهه هر ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ کي به سمجهڻ گهرجي ته اتان جي عوام کي به پر عام طور اهو ڏٺو ويو آهي ته انتهاپسند جماعتن کي اقتدار ۾ آڻڻ جو ذميوار ووٽر کان وڌيڪ انهن ملڪن جي اسٽيبلشمينٽ آهي. جڏهن ته عوام به انهن پنهنجن انتهاپسند حڪومتن مان خوش ناهي هوندو. هر ملڪ جو عوام امن، ترقي خوشحالي ۽ روزگار چاهيندو آهي. هر ملڪ جو عوام جنگين جي خلاف هوندو آهي ۽ جنگين خلاف روڊن تي مظاهرو ڪندي نظر ايندو آهي. اهي اصل ۾ انتهاپسند حڪمران جماعتن جا انتهاپسند حڪمران آهن جيڪي عوام جي خواهش جي ابتڙ هڪڙن خسيس پارٽي مفادن ڪري سڄي دنيا کي نيست ۽ نابود ڪري رهيا آهن.

عام سماجن اندر ڪي ٻه ماڻهو يا ڪي ٻه ڌريون پاڻ ۾ وڙهنديون آهن ته ڪي سمجهدار ۽ دور انديش ماڻهو وچ ۾ پئي انهن ٻن وڙهندڙ ماڻهن يا ڌرين کي ڇڏائي انهن ۾ ٺاهه ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. انهن کان جيڪڏهن معاملو ناهي بڻجندو  ته قانون پنهنجو فرض ادا ڪندو آهي پر هاڻي جڏهن ملڪن جا ملڪ پاڻ ۾ وڙهي ۽ هڪٻئي جي ملڪن کي تباهه ڪري رهيا آهن ته کين ڇڏائڻ وارو ڪو وڏو ناهي رهيو. هونئن ته نالي ۾ گڏيل قومن جو هڪ ادارو آهي جنهن ۾ دنيا جا سڀئي ملڪ ميمبر به آهن پر ان گڏيل قومن جي اداري جي سپر پاور ملڪ ۽ انتهاپسند حڪمران ڪجهه ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ناهن. يعني ڪي طاقتور ۽ انتهاپسند مُلڪ گڏيل قومن جي ڊسيپلين ۾ ئي ناهن.

چوندا آهن ته ٻڌيءَ ۾ طاقت آهي پر اهو به ڪافي سالن کان فقدان نظر اچي ٿو ته دنيا جي ملڪن ۾  ڪنهن ظلم ۽  ناانصافي ڪندڙ ملڪ خلاف اتحاد  نظر نٿو اچي جيڪو ظالم ۽ غير جمهوري ملڪن خلاف  ڪا ڪارروائي ڪري سگهي. دنيا جي ملڪن اندر ڪو اهڙو بلاڪ نظر نٿو اچي ڪا اهڙي ٻڌي ۽ اتحاد ڏسڻ ۾ نٿو اچي جنهن جي سپر پاور ملڪ ڪا پرواهه ڪري يا ان آڏو پاڻ کي ڪمزور ۽ا ڪيلو سمجهي.

اها  ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي ته آمريڪا، اسرائيل، ڀارت ۽ طالبان جي حڪومتن کي اڄ ڪنهن جي پرواهه ئي ناهي. اهي جڏهن ۽ جتي چاهين جنگيون ڪري سگهن ٿا، دهشت گردي، ۽ تخريب ڪاري ڪري سگهن ٿا، ميزائلن ۽ ڊرون  حملن سان ملڪن جا ملڪ تباهه ڪري سگهن ٿا، بي گناهه انسانن مٿان بم اڇلائي سگهن ٿا، عورتن ۽ ٻارن کي بنا ڪنهن سبب ماري سگهن ٿا پر کانئن ڪير پڇاڻو نٿو ڪري سگهي، کين ڪير روڪي نٿو سگهي. ڪيڏي نه بي وسي آهي. عام ماڻهو ته بي وس ٿي سگهي ٿو پر جڏهن ملڪن جا ملڪ ڏاڍ، ظلم ۽ بربريت جي آڏو بي وس هجن ته ڇا چئجي.

اها ڪيڏي نه اچرج جي ڳالهه آهي ته هن جديد ٽيڪنالاجي واري دور ۾ به ظلم، ڏاڍ ۽ بربريت جو نظام قائم آهي. اسان ان خوش فهمي ۾ هوندا هياسين  ته جيئن جيئن دنيا جا ماڻهو تعليم يافته ٿيندا ويندا، سياسي طور باشعور ٿيندا ويندا تيئن تيئن سامراجيت، سرمائيداري، وڏيرائپ، جاگيرداري، انتهاپسندي ختم ٿيندي ويندي پر ايئن نه ٿي سگهيو  آهي. ٻيون سڀ ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي پر الميو اهو آهي ته هاڻي باشعور ، ترقي پسند، جمهوريت پسند ۽ سيڪيولر ملڪن ۽ انهن ملڪن جي حڪمرانن ۽ ماڻهن ۾ به انتهاپسندي وڌي وئي آهي جنهن دنيا کي هن جديد 21 هين صدي ۾ به جهالت ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي. ان کان به وڏو ظلم اهو آهي ته هاڻي دنيا جي حڪومتن ۾ به انتهاپسند حڪمران جماعتون چونڊجي اچن ٿيون. سو اهو ته طئي آهي  ته انتهاپسند حڪومتون ۽ انتهاپسند قيادت دنيا کي تباهه ئي ڪري  سگهي ٿي جيڪا اها ڪري رهي آهي.

سو پهريون ته اهو طئي ڪرڻ گهرجي يا سمجهڻ گهرجي ته انتهاپسند ۽ جنگي جنون سان سرشار سياسي جماعتن کي ملڪن جي قيادت ڪرڻ جو اختيار ئي نه ڏجي. انتها پسند جڏهن اسان ڪنهن کي چئون ٿا ته ٻي معنيٰ ۾ ان کي پاڳل ئي سمجهڻ گهرجي. اها گذارش پاڻ گڏيل قومن جي اداري کي ڪريون ٿا ته اها دنيا  جي ملڪن اهو شعور ڦهلائي ته چونڊ نظام ۾ انتها پسند ۽ جنگي جنون رکندڙ جماعتن کي چونڊ وڙهڻ جو اختيار ئي نه هجي  بلڪه انهن کي ڪالعدم  قرار ڏنو وڃي. مطلب ته ڪجهه ته ڪرڻو پوندو، انتهاپسند حڪومتن ۽ قيادتن مان جند ڇڏائڻ لاءِ  ڪجهه ته سوچڻو پوندو ۽ ڪو رستو ڪڍڻو پوندو جيڪڏهن نه ته پوءِ اهي  انتهاپسند حڪومتون ۽ انتها پسند حڪمران پنهنجن پنهنجن ايٽمي بمن سان سڄي دنيا کي تباهه ڪري ڇڏيندا ۽ چوڻ  وارا چون ٿا ته پوءِ صدين کان پوءِ زمين تي جيڪا نئين مخلوق پيدا ٿيندي سا پٿر جي دور کان وري  نئين زندگي شروع ڪندي. تنهن ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته  هاڻي کان ئي اک پٽجي ۽ دنيا جي انتها پسند عرف پاڳل حڪومتن ۽ قيادتن مان جند ڇڏائڻ جو سوچجي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.