اسلام آباد(عوامي آُواز نيوز)سينئر صحافي ۽ تجزئي نگار حامد مير چيو آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي کي شهيد ڪري تهذيبن جي ٽڪراءُ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، اهو ٽڪراءُ ٽين عالمي جنگ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو،هن چيو ته ايران پاران آمريڪي اڏا رکندڙ مسلمان ملڪن تي حملا ڪيا ويا،اسرائيل ۽ آمريڪا جو مقصد ئي اهو هو ته مسلمان ملڪ پاڻ ۾ وڙهن ۽ واري واري سان انهن کي ختم ڪيو وڃي،ٻنهي ملڪن جي ڪوشش آهي ته جڏهن جنگ تيز ٿي وڃي ته يورپ ۽ آمريڪا مان مسلمانن کي ڪڍڻ جي مهم شروع ڪئي وڃي،آمريڪا ۽ اسرائيل جو مقصد اهو آهي ته جيستائين ايران جي حڪومت قائم آهي تيستائين حزب الله ۽ حماس کي به مدد ملندي رهندي، اسرائيل هر قيمت تي حزب الله ۽ حماس کي ختم ڪرڻ چاهي ٿو،آمريڪي صحافي ٽڪر ڪارلسن دعويٰ ڪئي آهي ته سعودي عرب ۽ قطر ڪجهه موساد جا ايجنٽ گرفتار ڪيا آهن،جيڪي اتي بم ڌماڪن جي سازشن ۾ ملوث هئا،پاڪستان ڪوشش ڪئي آهي ته سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ غلط فهميون پيدا نه ٿين ۽ ٻئي ملڪ هڪ ٻئي خلاف جنگ شروع نه ڪن،هن چيو ته ايران خلاف جنگ جو مقصد ايٽمي هٿيارن جو خاتمو ناهي بلڪه غزا تي اسرائيل جو مڪمل قبضو ڪرڻ ۽ مسجد اقصيٰ جي جاءِ تي يهودي عبادتگاهه بڻائڻ آهي،آمريڪي دفاع وارو وزير پيٽ هيگ سيٿ پنهنجي ڪتاب ۾ مسلمانن جي باري ۾ ڇا ڪجهه لکي چڪو آهي،هو مسجد اقصيٰ کي شهيد ڪري اتي يهودين جي عبادت گاهه ٺاهڻ چاهي ٿو،هن جي ان بيان جي مخالفت ڪيترن ئي آمريڪي يهودين به ڪئي آهي،آمريڪي دفاع واري وزير نيتن ياهو سان گڏجي ايران خلاف جنگ شروع ڪئي آهي،ان جي آخري گيم سمجه ۾ اچڻ گهرجي،ان جو مطلب ته غزا جي نالي تي پيس آف بورڊ هڪ فراڊ آهي