اسلام آباد(بيورو)مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ڏکئي وقت ۾ امتِ مسلمه کي پاڻ ۾ وڙهڻ بدران گڏجي صهيونيت جو مقابلو ڪرڻ گهرجي۔مولانا فضل الرحمان سپريم ليڊر علی خامنہ ای سميت ٻين ايراني شهرين جي شهادت تي تعزيت ڪرڻ لاءِ اسلام آباد ۾ قائم ايراني سفارتخاني پهتو،ايراني سفير رضا امیری مقدم سان ملاقات دوران هن سپريم ليڊر خامنہ اي جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات قلمبند ڪيا۔هن چيو ته خامنہ اي جي شهادت ناقابلِ تلافي نقصان آهي ۽ ان کي آمريڪا ۽ اسرائيل جي کلي بربريت قرار ڏنو، جڏهن ته ايران تي آمريڪي-صهيوني جارحيت جي سخت مذمت ڪئي۔بعد ۾ ميڊيا سان گڏيل ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته عالمِ اسلام کي باهمي اتحاد جي سخت ضرورت آهي، ڏکئي وقت ۾ ايران سان گڏ بيٺل آهيون،