ڪراچي ۾ مظاهرين تي آمريڪي ميرينز فائرنگ ڪئي: آمريڪي عملدار

ڪراچي (رپورٽر) آمريڪي اختيارين ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته ڪراچي ۾ امريڪي قونصليٽ تي حملو ڪندڙ مظاهرين تي آمريڪي ميرينز پاران فائرنگ ڪئي وئي. آمريڪي عملدارن موجب اڃا اهو واضح ناهي ته ميرينز جي فائرنگ سان ڪو جاني نقصان ٿيو يا نه، جڏهن ته مقامي پوليس جو چوڻ آهي ته گوليون قونصليٽ جي احاطي جي اندر کان هلايون ويون. آمريڪي ميرينز پنهنجو  جواب فوج کي موڪلي ڏنو آهي، جنهن اهو معاملو هاڻي آمريڪي پرڏيهي کاتي جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، پر پرڏيهي کاتي اڃا تائين ڪو باضابطا ردعمل ناهي ڏنو.  ڪجهه ڏينهن اڳ ايران جي مذهبي اڳواڻ آيت الله علي خامنه اي جي شهادت خلاف ڪراچي ۾ وڏو احتجاج ٿيو هو، جنهن دوران فائرنگ سبب 9 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.