غلام مرتضيٰ جتوئي خلاف ڏوڪري ۽ باڊهه ٿاڻن تي داخل ڪيس ختم

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) نيشنل پيپلز پارٽي جي سربراهه ۽ جي ڊي اي جي مرڪزي اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئي ڏوڪري  ۽ باڊهه ٿاڻن تي داخل ڪيسن جي سلسلي ۾ پنهنجي وڪيلن سان گڏجي لاڙڪاڻي جي فرسٽ ايڊيشنل اينڊ سيشن جج حبيب الرحمان جوڻيجو جي عدالت ۾ پيش ٿيو، جتي عدالت ڏوڪري ۽ باڊهه ٿاڻن تي داخل ڪيس خارج ڪري غلام مرتضيٰ جتوئي کي ٻنهي ڪيسن مان بري ڪري ڇڏيو. عدالتي فيصلي بعد عدالت ٻاهريان ميڊيا سان ڳالهائيندي غلام مرتضيٰ جتوئي چيو ته مون هميشه چيو آهي ته حق حق ۽ سچ سچ ٿيندو، الله پاڪ جو شڪر آهي جو اڄ حق سچ جو فيصلو ٿيو. هن چيو ته ملڪ جي صورتحال خاص طور افغانستان ۽ پاڪستان جي سرحدن جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، جڏهن ته پاڪستان ڪيترائي سال افغانين جي مهمان نوازي ڪئي ۽ افغانستان جون پاڪستان جي خلاف جيڪي ڪاروائيون ٿين پيون ۽ جيڪي ماڻهو افغاني سرزمين استعمال ڪري پاڪستان جي خلاف ڪاروائيون پيا ڪن انهن ڪاروائين کي افغان حڪومت کي روڪڻ گهرجن، پاڪستاني فوج پنهنجو دفاع پئي ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.