اسرائيل تي وڏو حملو ڪيو آهي: ايران

تهران/تل ابيب (م ڊ) ايراني فوج اسرائيل تي هڪ وڏو حملو ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته جلد ئي ان ڪارروائي جا تفصيل دنيا آڏو آندا ويندا. هي بيان ايران تي تازن حملن جي جواب ۾ سامهون آيو آهي. ٻئي طرف، اسرائيلي فوج آپريشن ’روئرنگ لائن تي دعويٰ ڪئي آهي ته هن ايران ۾ فوجي ۽ بنيادي ڍانچي جي 600 کان وڌيڪ هدفن کي نشانو بڻايو آهي. انهن  ڪارروائين ۾ لڳ ڀڳ 2500 هٿيار استعمال ڪيا ويا آهن. اسرائيلي بيان موجب، 20 کان وڌيڪ سيڪيورٽي قيادت جا هدف، 150 کان وڌيڪ بيلسٽڪ ميزائل ۽ 200 کان وڌيڪ ايراني فضائي دفاعي نظام تباهه ڪيا ويا آهن. اسرائيلي اختيارين جو چوڻ آهي ته انهن حملن جو مقصد ايران جي جنگي صلاحيت کي ختم ڪرڻ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.