اسلام آباد (بيورو) آمريڪا ۽ اسرائيل پاران ايران تي حملن کانپوءِ پيدا ٿيندڙ سيڪيورٽي صورتحال سبب آءِ ايم ايف جو جائزو مشن پاڪستان مان واپس روانو ٿي ويو آهي. هاڻي ٽيئن اقتصادي جائزي بابت باقي ڳالهيون آن لائن (ورچوئل) ذريعي جاري رهنديون آءِ ايم ايف وفد جي سربراهه ايوا پيٽرووا ۽ ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي پهرين ملاقات کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو آهي ته سيڪيورٽي سببن جي ڪري ايندڙ تمام گڏجاڻيون وڊيو لنڪ ذريعي ٿينديون. ناڻي واري وزير وفد کي ٻڌايو ته ملڪي معيشت درست طرف وڌي رهي آهي. ڊسمبر 2025 تائين مهانگائي گهٽجي 5.2 سيڪڙو۽ وياج جي شرح 10.5 سيڪڙوتي اچي وئي آهي، جڏهن ته پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا 16 ارب ڊالرن کان وڌي ويا آهن. آءِ ايم ايف مجموعي سڌارن جي واکاڻ ڪئي پر ٽيڪس روينيو ۾ 329 ارب رپين جي کوٽ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي وڌيڪ قدمن تي زور ڏنو آهي. ورچوئل ڳالهين ۾ صوبائي ٽيڪس، زرعي آمدني تي ٽيڪس، ٻاهرين قرضن جي ادائيگي ۽ نجڪاري پروگرام (خاص ڪري پي آءِ اي) جو جائزو ورتو ويندو ته جيئن 1.2 ارب ڊالرن جي ايندڙ قسط حاصل ڪري سگهجي.