اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ عالمي منڊي ۾ تيل جي اگهن ۾ ممڪن واڌ کي نظر ۾ رکندي، وزيراعظم پاران هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي وئي آهي. ناڻي واري وزير جي سربراهيءَ ۾ 18 رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ تيل، توانائي، ناڻي واري کاتي جا وزير، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ۽ انٽيليجنس ادارن جا نمائندا شامل آهن. هيءَ ڪميٽي عالمي منڊي ۾ قيمتن جي لاهي چاڙهي، سپلائي چين جي صورتحال ۽ ملڪي معيشت تي پوندڙ اثرن جو روزاني جي بنياد تي جائزو وٺي وزيراعظم کي رپورٽ پيش ڪندي. اوگرا موجب پاڪستان وٽ هن وقت پيٽرول ۽ ڊيزل جو جهجهو اسٽاڪ موجود آهي. ملڪ ۾ تقريبن 28 ڏينهن جي ضرورتن لاءِ تيل جا ذخيرا موجود آهن، جيڪي لازمي 20 ڏينهن واري حد کان وڌيڪ آهن. حڪومت دوست ملڪن کان اضافي تيل گهرائڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڏنيون آهن ته جيئن ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ تيل جي فراهمي متاثر نه ٿئي. معاشي ماهرن شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته موجوده صورتحال ۾ تيل جو گهٽ ۾ گهٽ استعمال ڪن ته جيئن ملڪي ذخيرن تي بار گهٽجي سگهي.